رسائی کے لنکس

ايران: مظاهرن جي رپورٽنگ ڪرڻ وارا گهٽ ۾ گهٽ 30 صحافي اڃان تائين جيل ۾


ايراني اخبار ’هم ميهن’ جا شماره تهران جي هڪ چوسول تي وڪري لاءِ پيا آهن. 30 آڪٽوبر، 2022. (فائيل فوٽو)
ايراني اخبار ’هم ميهن’ جا شماره تهران جي هڪ چوسول تي وڪري لاءِ پيا آهن. 30 آڪٽوبر، 2022. (فائيل فوٽو)

تهران جي صحافين جي تنظيم اربع ڏينهن ٻڌايو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 30 ايراني صحافي مهسا امينيءَ جي موت جي نتيجي ۾ شروع ٿيڻ وارن مظاهرن جي سلسلي ۾ اڃان تائين قيد آهن.

سورهين سيپٽمبر تي 22 ورهن جي ڪرد نزاد ايراني خاتون مهسا امينيءَ کي پوليس جي حراست دوران هلاڪ ٿيڻ کان پوءِ لڳ ڀڳ چئن مهينن تائين ايران ۾ مظاهرا جاري رهيا آهن.

مهسا کي ايراني حڪومت جي نافذ ڪيل اخلاقي ضابطن جي نگراني ڪرڻ واري پوليس ان وقت گرفتار ڪيو هو جڏهن هوءَ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ تهران ۾ هئي. هن تي لباس جي ضابطي جي مبينه ڀڃڪڙيءَ جو الزام لڳايو ويو هو. لباس جي ضابطي جي تحت عورتن جي لاءِ پنهنجي وارن کي ڍڪڻ ضروري آهي.

صحافين جي تنظيم جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيپٽيمبر جي وچ ڌاران تقريبا 70 صحافين کي حراست ۾ ورتو ويو هو، جن منجهان ڪجهه کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو جڏهن ته ڪم از ڪم 30 صحافي پڇا ڳاڇا جي لاءِ هاڻي تائين حراست ۾ آهن.

صحافين جي هڪ گروپ ٽيلي گرام ميسيجنگ ايپ تي جيل ۾ بند صحافين جي وچور کي شائع ڪئي آهي.

انجن منجهه ايراني صحافي نيلوفر حميدي ۽ الاهي محمدي به شامل آهن جن جي رپورٽنگ مهيسا امينيءَ جي ڪيس کي بي نقاب ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هئي.

تهران جي صحافين جي ان تنظيم تفصيل ٻڌائڻ کان سواءِ چيو آهي ته احتجاجي مظاهرا شروع ٿيڻ کان پوءِ عهديدارن پاران صحافين جي وڏي تعداد کي پاڻ وٽ سڏيو هو.

اخبار ’هم مهين’ اربع ڏينهن پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته تازو راندين جي رپورٽنگ ڪرڻ واري هڪ صحافيءَ احسان پير برناش کي سزا ڏني وئي آهي. سندس خلاف عائد الزامن جي باري ۾ ڪجهه نه ٻڌايو ويو آهي، ليڪن اهو چيو ويو آهي ته کيس 18 سالن جي سزا ٻڌائي وئي آهي جنهن ۾ کيس 10 سال ان کي جيل ۾ گزارڻا پوندا.

آڪٽوبر جي آخر ۾ 300 کان وڌيڪ ايراني صحافين ۽ فوٽو جرنلسٽس پنهنجي صحين سان هڪ بيان جاري ڪيو هو جنهن ۾ عهديدارن تي تنقيد ڪندي چيو ويو هو ته عمل دارن سندن صحافي ساٿين کي گرفتار ۽ قيد ڪري سندن شهري حق ڇنا آهن.

ايراني حڪام جو چوڻ آهي ته مظاهرن جي دوران سيڪيورٽي فورسز جي ميمبرن سميت سوين ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڀڃ ڊاهه ۽ تشددد سميت مختلف الزامن هيٺ مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايران جي حڪمرانن شهرين کي خوف زده ڪري مظاهرن ۾ شرڪت کان پري رکڻ جي لاءِ سخت سزائن جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ هاڻي تائين چار نوجوانن کي ڦاسي ڏني وئي آهي، جڏهن ته زير حراست ڪيترن درجنن ماڻهن تي اهڙا الزام مڙهيا ويا آهن جن تي کين موت جي سزا ٿي سگهي ٿي.

(هن رپورٽ جي معلومات اي ايف پيءَ تان کئين وئي آهي)

XS
SM
MD
LG