رسائی کے لنکس

ايران جو 22 هزارن کان مٿي گرفتار مظاهرين کي رها ڪرڻ جو اعلان


مهسا امينيءَ جي جنازي نماز جو جلوس. 26 آڪٽوبر 2022. (فائيل فوٽو)
مهسا امينيءَ جي جنازي نماز جو جلوس. 26 آڪٽوبر 2022. (فائيل فوٽو)

ايران سومر ڏينهن اعلان ڪيو ته رهبر اعليٰ آيت الله خامنه اي 22،000 کان وڌيڪ شهرين کي معافي ڏني آهي جن کي تازو ملڪ گير حڪومت مخالف مظاهرن دوران گرفتار ڪيو ويو هو. ليڪن وڏي پيماني تي رهائيءَ جي آزادانه طور تي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

ايران جي عدالت جي اڳواڻ غلام حسين محسني ازواي حڪومت جي پاران مظاهري ڪندڙن جي خلاف ڪاروائيءَ جي دائره ڪار جي باري ۾ پهريون ڀيرو معلومات ڏني آهي. سيپٽمبر ۾ 22 ورهن جي مهسا امينيءَ کي پوليس جي حراست دوران مارجي وڃڻ تي سموري ملڪ ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا هيا.

ان اعلان سان اهو به پتو پوي ٿو ته ايراني قيادت ايڏي وڏي پيماني تي بد امنيءَ کان پوءِ هاڻي صورت حال کي تسليم ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس نه پئي ڪري. اها صورت حال 1979 ۾ اسلامي انقلاب کان پوءِ ملڪ جي انتظاميا کي درپيش سنگين ترين چيلنجن منجهان هڪ هئي. ان انقلاب کان پوءِ به هزارين ماڻهن کي حراست ۾ رکيو ويو هو.

هن وقت ملڪ ۾ به عوامي سطح تي ڪاوڙ ۽ ناراضگي جام آهي ڇو ته ملڪ جي ڪرنسي جي هينڻائپ، اقتصادي ڏکيائيون ۽ عالمي طاقتن سان 2015 جي جوهري معاهدي جي خاتمي کان پوءِ دنيا سان تهران جا ناتا غير يقينيءَ جو شڪار آهن.

ايران جي سرڪاري خبرن جي اداري، ارنا ازواي جي حوالي سان انهن انگن اکرن جو اعلان ڪيو آهي. خبرن جي اداري اڳ ۾ اها خبر ڏني هئي ته رهبر اعليٰ آيت الله خامنه اي ايڏي وڏي تعداد ۾ گرفتار مظاهري ڪندڙن کي رمضان جي مهيني جي آغاز کان اڳ معافي ڏئي سگهي ٿو. رمضان جي شروعات ايندڙ هفتي ٿي رهي آهي.

ايران ۾ انهن مظاهرن جي خلاف ٿيندڙ ڪاروائيءَ تي نظر رکڻ وارن انساني حقن جي علمبردارن جي هڪ گروپ مطابق، انهن مظاهرن جي دوران 19،700 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو.

حڪام جي پاران انهن مظاهرن کي سختيءَ سان ڪچلڻ جي ڪوششن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 530 ماڻهو ماريا ويا. ايران انهن مظاهرن ۾ ٿيڻ وارين فوتگين جي انگ جي باري ۾ ڪجهه نه ٻڌايو آهي.

ايران ۾ انساني حقن جي لاءِ آمريڪا ۾ قائم مرڪز جي نائب سربراه، جيسمين رمزي چيو آهي ته گزريل مهينن دوران گرفتار ٿيڻ وارن ۽ جيل ۾ وڌل ماڻهن جي انگ جي باري ۾ شفاف انداز ۾ معلومات سامهون نه آندي وئي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ان باري ۾ تصديق ڪرڻ ممڪن ناهي ته ڪيترن ماڻهن جي رهائي عمل ۾ آئي آهي.

هن چيو ته ’’اسان اهو نه ٿا ڄاڻون ته رياستي تحويل ۾ مهسا امينيءَ جي هلاڪت کان پنجن مهينن کان وڌيڪ عرصي کان پوءِ ۽ وڏي پيماني تي مظاهرن ۾ مارجي وڃڻ ۽ هزارن جي تعداد ۾ گرفتارين کان پوءِ به ڪنهن سرڪاري عهديدار کي ذمي دار قرار نه ڏنو ويو آهي’’.

عدالت جي پاران هي اعلان ايندڙ هفتي ايراني نئين سال، ’نوروز’ جي تقريبن کان اڳ ڪيو ويو آهي. ايران ۾ اڱاري ڏينهن ڪجهه ماڻهن باهه جي تهوار تي ۽ 4000 سال پراڻي روايت جي ياد تازي ڪئي جنهن جو تعلق زرتشت مذهب سان آهي. سخت گير موقف رکڻ وارا اهڙا ڏڻ ملهائڻ جي حوصله شڪني ڪندا آهن، جنهن کي اهي ڪفر سان تعبير ڪندا آهن. انهن ٻنهين ڏڻن جي موقعي تي حڪومت مخالف مظاهرن جي ڪال ڏني وئي هئي.

(هن خبر جي ڪجهه معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG