ابلاغ جي ايراني ذرائع اربع ڏينهن پرڏيهي معاملن جي وزارت جي ترجمان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ايران آمريڪا سان قيدين جو تبادلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
خبرن جي نيم سرڪاري اداري، فارس جي ترجمان نصر ڪنعانيءَ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ايران آمريڪي صدر جو بائيڊن جي انتظاميا کي چيو آهي ته اها غير سنجيدگيءَ جي بجائي ڪو عملي قدم کڻي.
پرڏيهي معاملن جي آمريڪي وزير، اينٽني بلنڪن اڱاري ڏينهن ايران نجاد آمريڪي سيامڪ نمازيءَ جي معاملي جي طرف توجه ڇڪائيندي چيو آهي ته نمازيءَ کي 2500 ڏينهن تائين ايران ۾ غلط طور تي حراست ۾ رکيو ويو.
هن ٽوئٽر تي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان نمازيءَ جي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ اهو يقيني بنائڻ جو پختو عزم رکون ٿا ته سندس والد سميت اهي سمورا آمريڪي وطن واپس اچي سگهندا جن کي غلط طور تي قيد ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي معاملن جي آمريڪي محڪمي جي ترجمان، نيڊ پرائس چيو آهي ته آمريڪا جو خيال آهي ته آمريڪي شهرين کي ايران سياسي مقصدن جي لاءِ قيد رکيون ويٺو آهي ته جيئن ايراني حڪومت انهن جي رهائيءَ جي بدلي ڪو مفاد يا رعايت حاصل ڪري سگهي.
پرائس وڌيڪ چيو ته اهو هڪ ناپسنديده عمل آهي، جيڪو مڪروه به آهي، جنهن جي اسان هر جاءِ تي مذمت ڪندا رهندا آهيون.
هن چيو ته آمريڪي قيدين جي رهائيءَ جي ڪوشش 2015 ۾طئي ٿيڻ واري ان بين الاقوامي معاهدي جي طرف واپسيءَ متعلق جاري مذاڪرات سان منسلڪ ناهي جنهن ۾ پابندين ۾ نرميءَ جي بدلي ايران جي جوهري سرگرمين کي محدود ڪيو ويو هو.
هڪ ٻي خبر مطابق، آمريڪا اڱاري ڏينهن چيو آهي ته هو جوهري معاهدي سان متعلق يورپي يونين جي ثالثي جي حتمي تجويز تي ايران جي رد عمل جو جائزو وٺي رهيو آهي.
اڱاري ڏينهن تهران ۾ خبرن جي سرڪاري اداري، ارنا خبر ڏني هئي ته ايراني مذاڪرات ڪندڙن يورپي يونين کي پنهنجو جواب ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اشارو ڏنو ته هو ته هاڻي به يورپي يونين جي تجويز قبول نه ڪندو، ان تنبيه جي باوجود ته وڌيڪ مذاڪرات نه ٿيندا.
(هن رپورٽ جي لاءِ ڪجهه مواد خبرن جي ادارن، ايسو سي ايٽڊ پريس، اي ايف پي ۽ رائٽرز تان ورتو ويو آهي)