ايران جي پبلڪ پرازيڪيوٽر چيو آهي ته ملڪ جي متنازعه اخلاقي پوليس کي ختم ڪيو ويو آهي، ليڪن پوليس جي محڪمي جي نگراني ڪرڻ واري داخله جي وزارت جي پاران فوري طور تي ڪا تصديق نه ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترين ئي اخبارن هن خبر کي نظر انداز ڪيو آهي.
سومر جي ڏينهن ايران جي قدامت پسند پريس انهن رپورٽن کي نظرانداز ڪيو آهي ته اسلامي جمهوريه ڪيترن ئي هفتن جي احتجاج کان پوءِ پنهنهي اخلاقي پوليس کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، اصلاح پسند روزنامن منجهان صرف چئن اها خبر پهرئين صفحي تي شائع ڪئي آهي.
ايسيتائين جو ڪن اصلاح پسند اخبارن هن خبر تي سوال به اٿاريا آهن.
آچر جي ڏينهن ’آئي ايس اين اي’ نيوز ايجنسيءَ جي طرفان شائع ڪيل تبصرن ۾ پرازيڪيوٽر جنرل محمد جعفر منتظريءَ مظاهرين جي پاران واضح اشارو ڪندي چيو آهي ته اخلاقي پوليس جو عدالت سان ڪو تعلق ڪونهي ۽ قائم ڪرڻ وارن ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
تهران جي اخلاقي پوليس جي پاران ملڪ ۾ عورتن جي لباس جي سخت ضابطي جي مبينه ڀڃڪڙيءَ جي الزام ۾ گرفتاريءَ کان پوءِ ڪرد ايراني 22 سالن جي مهسا امينيءَ جي هلاڪت کان پوءِ ٻن مهينن کان وڌيڪ مظاهرن ايران کي لوڏي وڌو آهي.
سال 1979 جي اسلامي انقلاب کان پوءِ، جنهن ايراني بادشاهت جو تختو الٽيو هو، اختياريءَ وارن عورتن سان گڏ مردن جي لباس تي سخت ضابطن جي پابنديءَ جي نگراني ڪئي آهي.
اخلاقي پوليس جنهن کي ’گشت ارشاد’ يا ’گائيڊنس پيٽرول’ جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي، ’’شرم و حيا ۽ حجاب جي ثقافت کي ڦهلائڻ’’ جي لاءِ قائم ڪيو ويو هو.
هن 2006 ۾ گشت ڪرڻ جو آغاز ڪيو هو ۽ سندس ڪردار هميشه متنازعه رهيو آهي.
ايران جي اصلاح پسند اخبارن جي طرفان شڪ ۽ شبهن جو اظهار
ليڪن سومر جي ڏينهن اصلاح پسند اخبارن منجهان صرف چئن اخلاقي پوليس جي بيان ڪيل انجام جو حوالو ڏنو ۽ ڪجهه اهڙيون اخبارون به هيون جن شڪ ۽ شبهو ظاهر ڪندي ائين ڪيو.
اصلاح پسند اخبار ’سازديگي’ جي سرخي آهي ’اخلاقي پوليس جو خاتمو’. ان اطلاع ڏنو آهي ته ’’اخلاقي پوليس جي خلاف 80 ڏينهن جي احتجاج کان پوءِ پرازيڪيوٽر جنرل ان کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي’’.
ليڪن ’شرق’ اخبار پنهنجي پهرئين صفحي تي چيو آهي ته ’’ڇا هي گشت جو خاتمو آهي’’؟
ان رپورٽ ڏني آهي ته جڏهن پرازيڪيوٽر جنرل تصديق ڪئي ته اخلاقي پوليس کي ختم ڪيو ويو آهي، ته پوليس جي عام تعلقات جي شعبي ان خاتمي جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
اخبار وڌيڪ چيو ته تهران پوليس جي تعلقات عامه جي سربراه ڪرنل علي صباحي کان جڏهن منتظريءَ جي بيان جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن جواب ڏنو ته ’’اهو ٻڌائجو به نه ته توهان اسان کي ڪال ڪئي هئي’’.
صباحي مبينه طور تي’شارق’ کي ٻڌايو ته هن قسم جي بحث جي لاءِ هي وقت مناسب ناهي ۽ جڏهن مناسب ٿيندو ته پوليس ان جي باري ۾ ڳالهه ڪبي.
هڪ ٻئي اصلاح پسند اشاعتي اداري ’ارمان ملي’ سوال ڪيو ته ڇا اهو واقعي اخلاقي پوليس جو خاتمو آهي؟
چوٿيئن اخبار’هام ميهان’ زور ڏنو آهي ته عدالتي اختياريءَ پاران هي اعلان ڪيو ويو آهي ليڪن ڪنهن ٻيءَ اٿارٽيءَ اخلاقي پوليس کي تحليل ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو آهي.
آمريڪا جو ردعمل
آمريڪي پرڏيهي ناتن جي وزير اينٽني بلنڪن ’سي بي ايس’ جي شو ’فيس دي نيشن’ ۾ پڇيو ته ڇا اخلاقي پوليس جي خاتمي سان ايران ۾ احتجاج ختم ٿي ويندو؟ هن چيو ته اهو ايراني عوام تي منحصر آهي. هي سندن باري ۾ آهي.
بلنڪن چيو ته، مهسا امينيءَ جي قتل کان پوءِ جيڪو ڪجهه اسان ڏٺو اهو ايراني عوام جي غير معمولي جرات آهي، خاص طور تي اهو ته نوجوان عورتون مظاهرن جي قيادت ڪري رهيون آهن. جيڪو ڪجهه اهي چوڻ چاهن ٿيون اهو چون، مرضيءَ جي لباس پائڻ جي حق جي لاءِ اٿي کڙيون ٿيون آهن. جيڪو پائڻ گهرن ٿيون پائن.
ان ڪري، جيڪڏهن حڪومت هاڻي مظاهرن جو ڪنهن انداز ۾ جواب ڏنو ته اها هڪ مثبت ڳالهه ٿي سگهي ٿي. هن چيو پر اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته اهي عملي طور تي ڪينئن ڪم ڪندا آهن ۽ ايراني عوام ڇا سوچيندو آهي.
(هيءَ رپورٽ وائس آف آمريڪا ۽ ايجنسي فرانس پريس جي فراهم ڪيل معلومات تي مشتمل آهي)