اسرائيل جي صدر اڳوڻي وزير اعظم بينجامن نيتن ياهو کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. نيتن ياهوءَ جي ساڄيءَ ڌر جي جماعت پهرين نومبر تي ٿيڻ وارين چونڊن کان پوءِ هڪ مضبوط اتحادي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي آهي.
يروشلم ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ صدر آئزڪ هرزوگ چيو آهي ته هن ياهوءَ کي چيو آهي ته هو نئيڻ حڪومت جوڙي. گزريل سال حڪومت ڇڏڻ کان اڳ نيتن ياهو وزير اعظم جي طور تي هڪ وڏي عرصي تائين خدمتون انجام ڏئي چڪو هو.
هرزوگ چيو ته ان سلسلي ۾ هن سياسي جماعتن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. سندس بقول، ’’نتيجو واضح آهي. حڪومت ٺاهڻ جي ذمه داري نيتن ياهوءَ کي سونپي پئي وڃي’’.
اسرائيلي صدر نيتن ياهوءَ کي اهڙي وقت ۾ حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني آهي جڏهن سندس خلاف رشوت ستاني، فراڊ ۽ ٻين الزامن هيٺ مقدمو هلي رهيو آهي.
اسرائيلي صدر جي بقول، ’’ها. حقيقتن کان ناواقف ناهيان. يروشلم جي عدالت ۾ مسٽر نيتن ياهوءَ جي خلاف قانوني پيروي جاري آهي ۽ مان ان کي ڪنهن طور تي معمولي ڳالهه نه ٿو سمجهان’’.
هن چيو ته تازي عدالتي ڪاروائيءَ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته الزامن جو دفاع ڪندي، نيتن ياهو وزير اعظم جي حيثيت سان فرض انجام ڏئي سگهي ٿو.
ٽيهتر ورهن جو نيتن ياهو 1996 کان 1999 ۽ وري 2009 کان 2021 تائين اسرائيل جو وزير اعظم رهيو ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر سندس وزير اعظم ٺهڻ جو امڪان روشن ٿو لڳي.
(هن خبر جو مواد خبرن جي اداري، اي ايف پي تان ورتو ويو آهي)