رسائی کے لنکس

اسرائيلي چونڊون، ابتدائي نتيجن ۾ نيتن ياهو اڳتي


نيتن ياهو يروشلم ۾ پنهنجي پارٽيءَ جي دفتر ۾ موجود حامين کي خطاب ڪندي. 2 نومبر 2022
نيتن ياهو يروشلم ۾ پنهنجي پارٽيءَ جي دفتر ۾ موجود حامين کي خطاب ڪندي. 2 نومبر 2022

اسرائيل جي قومي انتخابات ۾ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي ۽ اربع ڏينهن تائين شمار ٿيندڙ ووٽن مطابق اڳوڻي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهوءَ جي کٽڻ جو امڪان واضح ٿيندو ڏسڻ ۾ پيو اچي.

قومي چونڊن ۾ وڌل تقريبا 85 في صد ووٽن جي ڳڻپ ٿي چڪي آهي، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ووٽرن جي اڪثريت ملڪ جي پارليامنٽ ۾ ياهوءَ کي ۽ سندس ساڄي ڌر واري اتحادين جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي.

ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي ۽ هي نتيجا تصديق شده ناهن، ليڪن، اگر ابتدائي اشارا درست ثابت ٿين ٿا ته اسرائيل ممڪنه طور تي انتهائي ساڄي ڌر جي قوم پرست يهودي حڪومت ٺاهڻ جي حق ۾ هوندو، جنهن جا ميمبر عرب مخالف ۽ ايل جي بي ٽي ڪيو (يعني هم جنس پرستن) جي خلاف اشتعال انگيز بيان ڏيندا رهيا آهن.

ابتدائي نتيجا اسرائيلي رائي ڏيڻ وارن جو مسلسل جهڪاءُ ساڄي ڌر ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي، جنهن سان فلسطينين سان امن جون اميدون اڃان گهٽ ٿي ويون آهن ۽ بائيڊن انتظاميه سان ممڪنه اختلافات جو امڪان وڌي ويو آهي.

انهن مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته نيتن ياهو پنهنجي مخالفن تي غلبو حاصل ڪري ورتو آهي، جنهن دعوا ڪئي هئي ته اهي پنهنجي خلاف بدعنوانيءَ جي مقدمي جي باعث حڪومت ڪرڻ جي قابل ناهن ۽ انهن حڪومت ۾ هنن سان وهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. نيتن ياهو جي شراڪت دارن کيس سزا کان بچڻ ۾ مدد ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي.

ٽيهتر ورهن جي نيتن ياهوءَ اربع ڏينهن صبح جو يروشلم ۾ حامين جي هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته ’’اسان هڪ وڏي فتح حاصل ڪرڻ جي ويجهو پهچي چڪا آهيون. مان هڪ قوم پرست حڪومت قائم ڪندس جيڪا سمورن اسرائيلي شهرين سان گڏ ڪنهن فرق کان سواءِ هڪ جهڙو سلوڪ ڪندي’’.

نيتن ياهو فوري طور تي مڪمل فتح جي دعوا نه ڪئي ۽ نه ئي سڀني کان وڏي مخالف، عبوري وزير اعظم، يائرلپيڊ شڪست تسليم ڪئي آهي. ليڪن سياسي تبديليءَ جا آثار صاف نظر اچي رهيا آهن.

سندس هڪ چيلنجر، دفاع جي وزير بيني گانٽر چيو آهي ته پارٽي، جيڪا چوٿين وڏي جماعت هئڻ جي دعويدار آهي، اپوزيشن جي سيٽن تي وهندي.

ان دوران، لپيڊ مصر ۾ موسمياتي ڪانفرنس جي لاءِ پنهنجو سفارتي دورو منسوخ ڪري ڇڏيو آهي.

انتخابي عهديدارن سڄي رات ووٽن جي ڳڻپ جو ڪم جاري رکيو ۽ اربع جي ٻن پهرن تائين تقريبا 85 في صد ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي چڪي هئي.

ماضيءَ جي انتخابات وانگر هن دفعي به مقابلو سخت هيو، ليڪن ابتدائي اشارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نيتن ياهو ملڪ جي 120 سيٽن واري پارليامنٽ ۾ اڪثريت سان ٻيهر وزير اعظم بڻجي سگهي ٿو.

توقع آهي ته آخري نتيجا جمعي ڏينهن تائين سامهون اچي ويندا، ڇو ته انهن لکين بيلٽ پيپرز جي حتمي ڳڻپ باقي آهي جيڪا گهڻي ڀاڱي انهن ماڻهن جا آهن جن پنهنجي باقاعده رهائش گاه کان هٽي نرسنگ هومز ۽ ٻين جاين تي ووٽ وڌا آهن، انهن جي تصديق جي لاءِ انهن کي ٻيهر چيڪ ڪرڻو پوندو آهي. ان ڳالهه جو امڪان آهي ته اهي نيتن ياهو جي مخالفن جي حق ۾ هجن ۽ سندس اڪثريت گهٽجي وڃي.

(خبر جومواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG