رسائی کے لنکس

170 ارب روپين جا نوان ٽيڪس ۽ 18 في صد جي ايس ٽي لڳائڻ جي تجويز


اسحاق ڊار (فائيل فوٽو)
اسحاق ڊار (فائيل فوٽو)

وڌندڙ معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ، پاڪستان جي حڪومت 170 ارب روپين جا نوان محصول مڙهڻ جي لاءِ مني بجيٽ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي آهي.

اربع ڏينهن خزاني واري وزير اسحاق ڊار مني بجيٽ ايوان آڏو پيش ڪئي، جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ نوان ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

وفاقي وزير چيو ته سيلز ٽيڪس جي شرح 17 في صد مان وڌائي 18 في صد ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جڏهن ته لگزري شين تي 25 في صد ٽيڪس لڳايو ويندو.

إسحاق ڊار چرو ته روزمره استعمال جي شين، ڪڻڪ، کير، بيضن ۽ گوشت تي ٽيڪس نه لڳايو ويندو.

هن چيو ته موبائيل فونز تي به واڌو محصول عائد ڪيو ويندو، جڏهن ته سگريٽن ۽ ڪولڊ ڊرنڪس تي به اضافي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. شربتن جي رٽيل اگهه تي به 10 في صد محصول لڳايو ويندو.

خزاني جي وزير چيو ته في ڪلو سيمنٽ تي 50 پيسا واڌو ٽيڪس لڳايو پيو وڃي.

هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ رقم 40 ارب روپين مان وڌائي 400 ارب روپيا ڪئي وئي آهي.

وفاقي وزير چيو ته وزير اعظم شهباز شريف ۽ ڪابينا سادگي اختيار ڪرڻ متعلق ستت ئي عوام کي اعتماد ۾ وٺندي.

پوئين ڏينهن وفاقي ڪابينا مني بجيٽ جي منظوري ڏني هئي ۽ اعلان ڪيو هو ته ان مالياتي بل کي قومي اسمبليءَ ۽ پوءِ سينيٽ ۾ منظور ڪرڻ جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.

حڪومت ان بل کي صدارتي حڪم نامي جي ذريعي آڻڻ گهري ٿي. ليڪن صدر عارف علويءَ پاران آرڊينينس جي بجاءِ پارليمان ۾ قانون سازيءَ جي ذريعي مني بجيٽ پاس ڪرڻ جي تجويز کان پوءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا الڳ الڳ اجلاس گهرايا ويا آهن.

آئي ايم ايف پاران سخت شرطن جي ڪري مني بجيٽ کي فوري طور پارليامنٽ مان منظور ڪرايو ويندو، جنهن کان پوءِ بين الاقوامي مالياتي اداري سان معاهدو اڳتي وڌندو.

پاڪستان ۽ آئي ايم ايف جي وچ ۾ اسٽاف سطح مذاڪرات پڄاڻيءَ کي پهتا آهن جڏهن ته ورچوئل ڳالهه ٻولهه جو اربع ڏينهن آغاز ٿيندو.

XS
SM
MD
LG