رسائی کے لنکس

ڪابينا پاران فائنانس بل جي منظوري، اربع ڏينهن بل پارليامنٽ آڏو پيش ڪيو ويندو


وزير اعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ فائنانس بل جي منظوري ڏني وئي. 14 فيبروري 2023.
وزير اعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ فائنانس بل جي منظوري ڏني وئي. 14 فيبروري 2023.

پاڪستان جي وفاقي ڪابينا فائنانس سپليمينٽري بل 2023 جي منظوري ڏني آهي، جنهن کان پوءِ اربع ڏينهن اهو بل پارليمنٽ جي آڏو پيش ڪيو ويندو.

وفاقي ڪابينا کي عالمي مالياتي فنڊ جي نوين جائزي جي سلسلي ۾ اصلاحات جي متعلق تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن إصلاحات جي نتيجي ۾ لگزري آئٽمز تي واڌو محصول عائد ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته جنرل سيلز ٽيڪس ۾ هڪ في صد اضافو ڪيو ويندو.

وزير اعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ته غريب طبقي تي گهٽ ۾ گهٽ ٻوجهه وڌو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته واضح هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته روزمره استعمال جي اهڙين شين تي جيڪي غريب ۽ وچولو طبقو استعمال ڪندو آهي، ڪا اضافي ٽيڪس عائد نه ڪئي وڃي.

حڪومت جو سادگيءَ ۽ ڪفايت شعاريءَ جو پيڪيج

وزير اعظم وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومتي سطح تي وڏي پيماني تي سادگي ۽ ڪفايت شعاريءَ جي پاليسي اختيار ڪرڻ لازم ٿي چڪي آهي. ان ڏس ۾ حڪومت جو ڪفايت شعاريءَ جو پيڪيج تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي جنهن جو باضابطه اعلان جلد ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته جيئن ئي سادگي ۽ ڪفايت شعاريءَ جو پيڪيج تيار ٿيو، ان تي عمل درآمد ڪرڻ سمورن ڪابينا جي ميمبرن ۽ حڪومتي اهل ڪارن تي لازم هوندو. انهيءَ صورت ۾ ئي اسان هن مشڪل معاشي صورت حال مان نڪري سگهون ٿا ۽ آمدنيءَ جي ذريعن اندر رهندي معاشي مشڪلات تي قابو پائي سگهون ٿا.

زلزله متاثرين فنڊ جو نالو بدلائڻ جي منظوري

وفاقي ڪابينا ترڪيه زلزلي متاثرين فنڊ جو نالو ’ترڪيه ۽ شام زلزله متاثرين فنڊ’ رکڻ جي منظوري ڏني.

وزير اعظم قوم کي اپيل ڪئي ته ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل رليف فنڊ ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺن.

هن ڪابينا کي ٻڌايو ته ترڪيه جي صدر ۽ شام جي وزير اعظم سان ٽيلي فون تي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ مان هنن کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان زلزلي متاثر ٿيڻ وارن پنهنجي ڀائرن ۽ ڀيڻن سان گڏ بيٺو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مان امدادي سامان جنهن ۾ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون شامل آهن، ترڪيه ۽ شام جي لاءِ روانو ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ سامان به روانو ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته پاڪستان جي فضائيه، ريسڪيو اهل ڪار، اين جي اوز ۽ خير جي ڪم ۾ جنبيل ماڻهو حصو وٺي رهيا آهن.

وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي 10 فيبروري 2023 ۽ 13 فيبروري 2023 تي ٿيڻ وارن اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي به توثيق ڪئي.

(عاصم علي رانا جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG