پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري مملڪتي وزير، مصدق ملڪ چيو آهي ته تيل جي خريداريءَ جي لاءِ سمورا ٽيڪنيڪي ۽ مالي معاملا طئي ڪيا ويا آهن، جنهن کان پوءِ هلندڙ مهيني جي آخر ڌاران ماسڪو مان پهريون سامونڊي جهاز ڪراچيءَ پهچڻ جو امڪان آهي.
وائس آف آمريڪا سان انٽرويو ۾ مصدق ملڪ چيو ته روس کان تيل جي خريداريءَ جا معاملا صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ هينئر تائين سڀ شيون ’آن ٽريڪ’ آهن.
ڊسمبر جي شروع ۾ مصدق ملڪ ماسڪو جي دوري کان پوءِ اعلان ڪيو هو ته روس پاڪستان کي سستو تيل فراهم ڪندو جنهن کان پوءِ جنوريءَ ۾ روس جو توانائيءَ وارو وزير اسلام آباد جو دورو ڪندو ۽ تيل جي درآمد متعلق معاملن تي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ اميد آهي ته ايندڙ سال جي شروع ۾ سستي تيل جي رسد ممڪن ٿي ويندي.
مصدق ملڪ چيو ته ان وقت مون چيو هو ته مارچ جي آخر تائين سمورا تفصيل طئي ٿي ويندا ۽ تفصيل طئي ٿيڻ کان پوءِ اپريل ۾ آرڊر ڏينداسين. ان ڪري هلندڙ هفتي پهريون آرڊر ڏيڻ وارا آهيون.
روس کا تيل جي پهچ جو آغاز ڪيسيتائين ٿي سگهندو، ان باري ۾ مصدق ملڪ چيو ته ان ڏس ۾ تاريخ جو هن وقت اعلان ڪرڻ مشڪل ٿيندو.
هن چيو ته جيڪڏهن اپريل جي پهرئين هفتي ۾ تيل حاصل ڪرڻ جي لاءِ آرڊر ڪنداسين ته هن مهيني جي آخر ڌاران رسد ملڻ ممڪن ٿيندي.
هن چيو ته تيل جي رسد سامونڊي رستي کان ٿيندي جنهن جي لاءِ وچ اوڀر يا سنگاپور جي مقابلي ۾ ٽي ڀيرا وڌيڪ وقت لڳندو. هن چيو ته جيڪڏهن توهان سنگاپور يا وچ اوڀر کان تيل گهرايو ته جهاز ڇهن يا ستن ڏينهن ۾ پهچي ويندو آهي، پر روس کان جهاز ڪراچيءَ پهچڻ ۾ 25 کان 26 ڏينهن لڳي ويندا.
(علي فرقان جي رپورٽ)