رسائی کے لنکس

نڪي هيلي 2024 جي ريپبليڪنز صدارتي نامزدگيءَ جي اميدوار


سائوٿ ڪيرولائنا جي اڳوڻي گورنر ۽ اقوام متحده ۾ آمريڪا جي سابق سفير، نڪي هيلي. 14 فيبروري 2023.
سائوٿ ڪيرولائنا جي اڳوڻي گورنر ۽ اقوام متحده ۾ آمريڪا جي سابق سفير، نڪي هيلي. 14 فيبروري 2023.

سائوٿ ڪيرولائنا جي اڳوڻي گورنر نڪي هيليءَ اڱاري ڏينهن چيو آهي ته هوءَ 2024 جي ريپبليڪن صدارتي نامزدگيءَ جي لاءِ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خلاف انتخاب وڙهندي، جيڪو ڪنهن وقت سندس باس هيو ۽ جنهن کيس گڏيل قومن جي اداري ۾ آمريڪا جو سفير مقرر ڪيو هو.

ايڪونجاهه ورهن جي ڄمار جي هيليءَ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ۾ اهو اعلان ڪندي چيو ته بائيڊن جو رڪارڊ انتهائي خراب آهي. سندس بقول، ’’هي ليڊرن جي نئين نسل جو دور آهي’’.

ساڍن ٽن منٽن جي هن وڊيو ۾ ڪٿي به ٽرمپ جو ڪو ذڪر نه ڪيو ويو ، جنهن نومبر ۾ اعلان ڪيو هو ته هو به 2020 جي انتخابات ۾ بائيڊن کان هارايل صدارت ٻيهر حاصل ڪرڻ جي لاءِ ريپبليڪن نامزدگيءَ جو خواهش مند آهي.

وڊيو ۾ ڀارتي پنجابي سک تارڪين وطن جي ڌيءُ جي طور تي سائوٿ ڪيرولائنا ۾ابتدائي سالن دوران پنهنجي پالنا تي روشني وڌي ۽ ان کان پوءِ ڪهڙيءَ ريت هوءَ 2011 کان 2017 تائين گورنر بڻي ۽ وري 2017 ۽ 2018 ۾ اقوام متحده ۾ ٽرمپ جي طرفان گڏيل قومن جي اداري ۾ سفير ٺهڻ جي لاءِ استعيفا ڏني

هن چيو ته واشنگٽن اسٽيبلشمينٽ اسان کي ڪيترا ڀيرا ناڪام ڪيو آهي.

هيلي چيو ته جيڪڏهن صدارتي انتخاب ۾ ٽرمپ به ميدان ۾ لٿو ته هوءَ چونڊن ۾ حصو نه وٺندي. ليڪن وڊيو ۾ ٽرمپ کي نشانو بنائڻ جي جاءِ تي هن روايتي ريپبلڪنز ۽ ڊيموڪريٽس کي نشانو بڻايو جن ۾ بائيڊن، نائب صدر ڪاملا هيرس، ايوان جي اڳوڻي اسپيڪر نينسي پيلوسي، ورمونٽ جي سينيٽر برني سينڊرز ۽ نيو يارڪ جي رڪن اليگزينڊريا اوڪاسيو ڪوٽيز شامل آهن.

هن چيو ته پوين اٺن قومي چونڊن منجهان ستن ۾ ريپبلڪنز ’پاپولر ووٽ’ وڃائي ويٺا هيا، حالانڪه اڳوڻو صدر جارج ڊبليو بش 2000 ۾ ۽ ٽرمپ 2016 ۾ ملڪ جي اليڪٽورل ڪاليج ۾ وائيٽ هائوس کٽي ورتو هو.

هيلي چيو ته رياستن جي ووٽنگ ۾ ليڊرن کي منتخب ڪرڻ جو هي آمريڪي نظام آهي جنهن ۾ سڀ کان وڏين رياستين وٽ سڀ کان وڌيڪ اليڪٽورل ووٽ هوندا آهن.

اڳوڻي نائب صدر مائيڪ پينس ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو کان علاوه هيلي ٽرمپ جي اڳوڻي عهديدارن يا هڪ وقت جي سياست اتحادين جي ممڪنه ڊگهي فهرست منجهان پهرين خاتون آهي جيڪا ايندڙ سال وائيٽ هائوس جي لاءِ ريبلڪنز جي نامزدگيءَ جي لاءِ چيلينج ڪري رهي آهي.

ڏکڻ ڪيرولائنا جو موجوده قانون ساز، سينيٽر ٽم اسڪاٽ به نامزدگيءَ جي مقابلي ۾ شامل ٿيڻ تي غور ڪري رهيو آهي.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG