آمريڪي صدر جوبائيڊن جي انتظاميه پاران ھن ھفتي سڏايل جمهوريت جي سربراھي ڪانفرنس ۾ پاڪستان شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
پاڪستان جي پرڏيهي آفيس اڱاري ڏينهن جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ اڻ سڌي ريت ھن ڪانفرنس کان ڌار رھڻ جو اعلان ڪيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جمهوري قدرن ۽ اصولن کي هٿي وٺرائڻ، انساني حقن ۽ بدعنواني خلاف جنگ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ آمريڪا ۽ سربراهي اجلاس جي ٻين ميزبانن سان گڏجي ڪم ڪندو.
پرڏيهي معاملن واري وزارت اهو اعلان اهڙي وقت ۾ ڪيو آهي جڏهن جوبائيڊن انتظاميه هن هفتي شروع ٿيندڙ ڪانفرنس لاءِ 120 کان وڌيڪ ملڪن کي دعوت ڏني آهي، جن ۾ ڀارت به شامل آهي.
’گلوبل ڊيڪليئريشن آف ميئرز فار ڊيموڪريسي‘ جي عنوان سان ورچوئل ڪانفرنس کي آمريڪي پرڏيهي کاتو ۽ بين الاقوامي ترقي لاءِ آمريڪي ادارو (يو ايس ايڊ) گڏيل طور منعقد ڪري رھيا آھن.
هن ڪانفرنس ۾ جمهوري قدر، شهرن ۽ مقامي حڪومتن جا ڪردار ۽ عالمي سطح تي جمهوريت سان لاڳاپيل معاملا توڙي مسئلا بحث ھيٺ ايندا.
پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت چيو ته اسين 29 ۽ 30 مارچ تي جمهوريت لاءِ ٿيندڙ ٻي سربراهي ڪانفرنس جي دعوت ملڻ تي آمريڪا ۽ ٻين ميزبان ملڪن جا ٿورائتا آهيون.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي دوستي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهي لاڳاپا بائيڊن انتظاميه جي دور ۾ اڃا به وسيع ٿيا آھن ۽ اسلام آباد خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ انهن لاڳاپن کي وڌيڪ سگھارو بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي.
واضع رهي ته پاڪستان ڊسمبر 2021 ۾ صدر جو بائيڊن جي پهرين جمھوري سربراھي ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي هئي. ان وقت اهو تاثر هو ته پاڪستان چين جي چوڻ تي ائين ڪيو، پر پوءِ پاڪستان ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو ھو.
رپورٽن مطابق ھن ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٽن ويجهن دوستن چين، ترڪي ۽ سعودي عرب کي دعوت ناهي جڏھن ته تائيوان کي دعوت ڏني وئي آهي.
پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لڳ ڀڳ هڪ سال کان جاري اعليٰ سطحي رابطن جي ھوندي به پاڪستان جي ڪانفرنس ۾ نه وڃڻ واري ڳالھ کي ڪجھ سياسي مبصر حيران ڪندڙ قرار ڏين ٿا.
ڪجهه مبصرن موجب پاڪستان جي شرڪت نه ڪرڻ جو ڪارڻ هڪ ڀيرو ٻيهر چين به ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته تائيوان کي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي ۽ پاڪستان ’ون چائنا‘ پاليسي جي حمايت ڪندو رهيو آهي.
عالمي معاملن جي تجزيه نگار ظفر جسپال جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ٻن ويجهن اتحادين چين ۽ ترڪي کي ان ڪانفرنس ۾ دعوت نه ڏني وئي آھي، تنھن ڪري شايد پاڪستان ڪانفرنس کان پري رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان دراصل اھو اشارو ڏنو آهي ته ھو پنهنجي علائقائي اتحادين ۽ دوست ملڪن سان گڏ هلڻ چاهي ٿو.
ظفر جسپال جو خيال آهي ته اهو فيصلو پاڪستان جي اُن موقف کي مضبوط نٿو ڪري ته پاڪستان دنيا ۾ اڀرندڙ ڪيمپ سياست جو حصو نه بڻجندو ۽ اڻ ڌُريو رهندو.
پاڪستان ۾ ھڪ تاثر اھو به آهي ته ڪانفرنس کان پري رهڻ جو سبب پاڪستان جي اندروني سياسي صورتحال ۽ چونڊن ۾ دير جو معاملو به ٿي سگهي ٿو، ۽ ڪانفرنس ۾ پاڪستان آڏو اھي سوال به اچي سگهن ٿا.
ٻئي پاسي پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان هڪ متحرڪ جمهوري ملڪ آهي. ان جا عوام جمهوري قدرن سان مضبوط تعلق رکن ٿا، ۽ ھنن ھميشه جمهوريت، انساني حقن ۽ بنيادي آزادين تي پنهنجو ويساھ برقرار رکيو آهي.
ڪجهه مبصر هن ڪانفرنس کي چين جي خلاف جمهوري ملڪن جو گروپ ٺاهڻ جي ڪوشش قرار ڏئي رهيا آهن.
اڳوڻي پاڪستاني سفارتڪار اشرف جهانگير قاضي جي خيال ۾ انھي ڪري جو تائيوان کي دعوت ڏني وئي آهي، تنھن ڪري پاڪستان جي فيصلي کي انھي پس منظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.
ظفر جسپال جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن تي ڪو به فرق نه پوندو.
پاڪستان جي پاليسي سازن جو اھو به خيال آهي ته آمريڪا خطي ۾ ڀارت جو اسٽريٽجڪ اتحادي آهي، ان صورت ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا پنهنجن لاڳاپن کي هڪ خاص حد کان اڳتي وڌائي نٿاسگهن.
(جليل اختر جي رپورٽ)