پاڪستان جي نالي وٺڻ کان سواءِ، آمريڪا چيو آهي ته هو ٻارڻ جي قيمتن تي حڪومتن کي درپيش ڏکيائن کي سمجهي ٿو ۽ ان حوالي سان آمريڪا في الحال اهڙي ڪا پابندي نه لڳائي آهي جنهن هيٺ روس مان ٻين ملڪن ڏانهن تيل برآمد نه ٿو ٿي سگهي.
پرڏيهي ناتن جي آمريڪي محڪمي پاڪستان جي روس کان رعايتي اگهن تي تيل خريد ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته هو انهن خبرن کان آگاه آهي ۽ آمريڪا ٻين ملڪن تي روسي توانائيءَ جي درآمدات تي في الحال ڪا پابندي عائد نه ڪئي آهي.
وائس آف آمريڪا جي اردو سروس جي پاران ان سلسلي ۾ پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي محڪمي پاڪستان جو نالو وٺڻ بنان ٻڌايو ته آمريڪا ٻارڻ جي قيمتن متعلق مختلف ملڪن جي مشڪلات کي سمجهي ٿو.
سندس لفظن ۾، اسان کي ان دٻاءَ جو احساس آهي جنهن ۾اچي حڪومتون توانائيءَ جي خريداريءَ جي لاءِ ڪوشش ڪن ٿيون.
پرڏيهي ناتن جي محڪمي وڌيڪ چيو ته هر ملڪ کي وقت ۽ حالتن مطابق پاڻ کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي.
ترجمان چيو ته ان باري ۾ اسان واضح آهيون ته هر ملڪ کي پنهنجي حالتن مطابق توانائيءَ جي ذريعن جي درآمد بابت پنهنجي لاءِ رستو اختيار ڪرڻو آهي
ياد رهي ته پاڪستان جو پيٽروليم جو مملڪتي وزير، سينيٽر مصدق ملڪ سومر ڏينهن اعلان ڪيو ته روس پاڪستان کي گهٽ اگهه تي تيل فراهم ڪندو. پنهنجي ماسڪو جي دوري جي باري ۾ ميڊيا کي آگاه ڪندي، هن چيو ته هي دورو توقع کان وڌيڪ ڪامياب ٿيو ۽ روس پاڪستان کي رعايتي قيمت تي خام تيل ۽ استعمال جي قابل تيل، جيئن ته پيٽرول ۽ ڊيزل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وائس آف آمريڪا جي سوال تي مصدق ملڪ چيو ته روس سان تيل جي فراهمي جا تفصيل اڃان طئي ٿيڻا آهن، البته جنوريءَ ۾معاهدو طئي ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان کي تيل جي فوري فراهمي شروع ٿي ويندي.
آمريڪي پرڏيهي محڪمي اها ڳالهه ياد ڏياري ته روس توانائي جي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي فراهميءَ جي حوالي سان ڀروسي جي قابل ناهي.
(ارم عباسيءَ جي رپورٽ)