رسائی کے لنکس

پشاور: پوليس لائينز مسجد ريسڪيو آپريشن مڪمل، گزاري ويلن جوانگ 113 ٿي ويو


پشاور پوليس لائنز. 30 جنوري 2023.
پشاور پوليس لائنز. 30 جنوري 2023.

پشاور جي پوليس لائينز مسجد ۾ سومر ڏينهن ٿيڻ واري خودڪش ڌماڪي کان پوءِ شروع ٿيڻ وارو ريسڪيو آپريشن اڱاري ڏينهن ٻن پهرن جو پورو ٿيو.

پشاور ۾ وائس آف آمريڪا جي نمائندي، شميم شاهد ٻڌايو آهي ته مري ويلين جو تعداد وڌي 113 ٿي ويو آهي ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ آهي. ان کان اڳ ، خيبرپختونخوا جي نگران وڏي وزير ٻڌايو هو ته واقعي ۾ 100 ماڻهن جي فوتگيءَ ۽ 221 جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ليڊي ريڊنگ اسپتال اڱاري ڏينهن صحافين کي ٻڌايو ته اسپتال ۾ هاڻي تائين 53 زخمي زير علاج آهن جن منجهان ست انتهائي نگهداشت جي وارڊن ۾ آهن.

وائيٽ هائوس جي دهشت گرد حملي جي مذمت

وائيٽ هائوس پشاور مسجد ۾ دهشت گرد حملي جي مذمت ۽ هلاڪتن جي تعداد جي وڌڻ تي افسوس ظاهر ڪيو آهي. سيڪيورٽي جي صلاح ڪار، ايڊرين واٽسن چيو آهي ته اها هڪ افسوس ناڪ ۽ انتهائي تڪليف ڏيڻ واري خبر آهي ۽ اسان ان حملي ۾ حياتي وڃائڻ وارن جي عزيزن ۽ گهر ڀاتين سان دلي تعزيت ڪيون ٿا.

دهشت گرديءَ جو دفاع نه ٿو ڪري سگهجي. عبادت ڪندڙن کي نشانو بنائڻ غير اخلاقي عمل آهي. سندس بقول، آمريڪا بحاليءَ ۽ عمارت جي نئين سر اڏاوت جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ تيار آهي.

نگران وڏي وزير جي اخباري ڪانفرنس

اڱاري ڏينهن خيبرپختونخوا جي نگران وڏي وزير، محمد اعظم خان سان گڏ اخباري ڪانفرنس ڪندي، آئي جي پوليس معظم جاه چيو ته اسان هڪ يا ٻن ڏينهن جي نه بلڪه هڪ مهيني جي سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ شروع ڪيو آهي، جنهن ۾اسان مشتبه عناصر، سهولت ڪارن جي نشاندهي ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته پوليس لائينز ۾ روزانو 1500 کان ٻه هزار ماڻهو ايندا ويندا رهندا آهن. سندس بقول، اها تمام وڏي تحقيقات آهي ۽ ان سلسلي ۾ جي آئي ٽي به تشڪيل ڏني وئي آهي.

آئي جي خيبرپختونخوا چيو ته خودڪش حملي آور جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ سي سي فوٽيجز جو جائزو ورتو پيو وڃي.

ريسڪيو 1122 مطابق، سرچ آپريشن جي دوران ملبي منجهان مجموعي طور تي 24 لاش مليا جڏهن ته نون ڄڻن کي زنده ٻاهر ڪڍيو ويو.

مري ويلن ۾ پوليس اهلڪار ۽ ملازمن کان سواءِ مسجد جو خطيب ۽ سينيٽريءَ جي هڪ خاتون ورڪر به شامل آهي.

ان کان اڳ، پشاور ۾ ڳالهائيندي، آئي جي خيبرپخونخوا چيو ته پوليس لائنز پشاور 120 سال اڳ 600 جوانن جي لاءِ اڏي وئي هئي، جتي 2000 کان مٿي اهلڪار ۽ اٺ مختلف محڪما موجود آهن. سي سي پي او ۽ ايس ايس پي آپريشنز جون آفيسون به هتي ئي موجود آهن، جتي عوام ۽ سائلن جو وڏو تعداد روزانو ايندو ويندو آهي.

XS
SM
MD
LG