رسائی کے لنکس

سلمان رشدي هڪ اک جي بينائي ۽ هڪ هٿ جي استعمال کان محروم


سلمان رشدي (فائيل فوٽو)
سلمان رشدي (فائيل فوٽو)

برطانوي نجاد آمريڪي مصنف سلمان رشدي پنهنجي هڪ اک جي بصارت ۽ پنهنجي هڪ هٿ جي استعمال کان محروم ٿي ويو آهي.

سلمان رشدي، جيڪو ’The Satanic Verses’ جو مصنف آهي، ان جي ايجنٽ اينڊريو وائلس ٻڌايو آهي ته هلندڙ سال نيو يارڪ جي هڪ ادبي تقريب ۾ اسٽيج تي حملي ۾ زخمي ٿيو هو، تنهن ۾ سلمان رشديءَ کي شديد نوعيت جا زخم آيا هيا.

هن اسپانوي اخبار ’ايل هائي’ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سلمان رشديءَ جي هڪ اک جي بينائي هلي وئي آهي، هن کي ڪنڌ تي به ٽي شديد زخم آيا هيا جنهن جي ڪري سندس ٻانهن جا اعصاب ڪٽجي ويا هيا ۽ سندس هڪ هٿ ناڪارو ٿي ويو، کيس سيني ۽ ڌڙ ۾ 15 ڌڪ لڳا هيا.

اينڊريو وائلي سلمان رشدي جو ايجنٽ آهي ۽ هو معروف ادبي شخصيات سال هيلو ۽ روبرٽو بولانو جي نمائندگي به ڪندو آهي.

خبر رسان اداري رائيٽرز مطابق، اينڊريو وائلي ان باري ۾ ڪجهه چوڻ کان انڪار ڪيو ته ڇا 75 ورهن جو رشدي ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصو اڳ حملي جو نشانو بنجڻ کان پوءِ اڃان تائين اسپتال ۾ آهي.

واضح رهي ته نيو جرسي جي هڪ 24 سالن جي نوجوان آگسٽ ۾ هن وقت رشديءَ جي ڪنڌ ۽ ڌڙ تي چاقوءَ سان وار ڪيا هيا جڏهن هو آبري ڍنڍ کان تقريبا 19 ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع واقئوشوٽا ڪوا انسٽي ٽيوشن ۾ ليڪچر ڏيڻ وارو هو.

ناول نگار تي حملي جي ملزم ’سيڪنڊ ڊگري’ قتل ۽ حملي جي الزام جي ڏوه کان انڪار ڪيو آهي. هو اولهه نيو يارڪ جي هڪ ڍنڍ ۾ قيد آهي ۽ هن جي ضمانت نه ٿي ٿي سگهي.

وائليءَ ٻڌايو ته ناول نگار رشديءَ تي حملي کان فوري طور تي اسپتال نيون ويو. ان حملي جي نتيجي ۾ هن جي هڪ ٻانهن جي اعصاب کي نقصان پهتو، معدي ۾ زخم آيا ۽ امڪاني طور تي هڪ اک ضائع ٿي وئي.

سلمان رشدي ڀارت جي هڪ مسلمان ڪشميري خاندان ۾ پيدا ٿيو هو ۽ هن 1988 ۾ ڪتاب ’دي سيتانڪ ورسز’ شائع ڪئي هئي جنهن کي ڪجهه مسلمان توهين آميز سمجهن ٿا ۽ ان تي شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويندو آهي.

ڪتاب ۾ اسلام ۽ پيغمبر اسلام جي باري ۾ بيانن تي ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله خمينيءَ جي پاران شديد رد عمل سامهون آيو هو ۽ هن سلمان رشديءَ جي موت جي فتوا به جاري ڪئي هئي، جنهن جي ڪري برطانوي حڪومت هن کي پوليس جي حفاظت ۾ رکيو ۽ هو تقريبا نون سال روپوش رهڻ تي مجبور ٿيو.

اگرچه ايران جي اصلاحات جي حامي صدر محمد خاتميءَ جي حڪومت 1990 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ پاڻ کي فتوا کان فاصلي تي رکيو، ليڪن سلمان رشديءَ جي سر تي رکيل ڪيترن ميلن ڊالر جي انعام جي رقم وڌندي رهي ۽ فتوا کي به ڪڏهن واپس نه ورتو ويو.

خميني جي پونئير، آيت الله خامنه اي جي ٽوئٽر اڪائونٽ کي ٽوئٽر 2019 ۾ ان بيان جي ڪري معطل ڪري ڇڏيو جو هن چيو هو ته رشديءَ جي خلاف فتوا ’’اٽل’’ آهي.

(هن رپورٽ جو مواد خبرن جي اداري، رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG