رسائی کے لنکس

طالبان جو عورتن جي تعليم تي لڳايل پابندين ۾ نرميءَ جو اشارو


افغانستان متعلق اسلامي تعاون تنظيم جي انتظامي ڪائونسل جو خصوصي اجلاس
افغانستان متعلق اسلامي تعاون تنظيم جي انتظامي ڪائونسل جو خصوصي اجلاس

افغانستان ۾ برسر اقتدار طالبان عورتن جي تعليم تي عائد پابندين ۾ نرميءَ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته ان ’عارضي اقدام’ جي حل جي لاءِ ڪم جاري آهي.

طالبان پاران هيءُ بيان خميص ڏينهن ان مطالبي جي جواب ۾ سامهون آيو جنهن ۾ مسلم اڪثريتي ملڪن جي اتحاد جي طرفان طالبان کي چيو ويو آهي ته اهي نينگرين جي تعليم ۽ افغان عورتن جي امدادي ڪم تي پابنديون واپس وٺن.

ستونجاهه ميمبرن تي مشتمل اسلامي تعاون تنظيم (او آئي سي) طالبان تي زور ڀريو آهي ته اهي عورتن کي تعليم ۽ ڪم کان روڪڻ واري فيصلي تي ٻيهر نظر وجهن.

تنظيم جي انتظامي ڪاميٽين جو اربع ڏينهن غير معمولي اجلاس ٿيو جنهن ۾ افغانستان ۾ عورتن تي عائد پابندين کي اسلامي قانون ۽ پيغمبر اسلام جي تعليمات جي خلاف ورزي قرار ڏنو ويو.

طالبان جي مرڪزي ترجمان، ذبيح الله مجاهد خميص ڏينهن پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته ’’حڪومت او آئي سي جي اجلاس ۽ اعلان جو خير مقدم ڪري ٿي’’. ليڪن، ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ذبيح الله مجاهد عالمي برادريءَ تي زوير ڏنو ته اها افغانستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري.

هن چيو ته او آئي سي جي عورتن جي تعليم متعلق تشويش قابل فهم آهي. ليڪن، امارات اسلامي عارضي قدم کنئيون آهي ۽ اها اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته مسئلو حل ٿي وڃي. هن ان جو وڌيڪ تفصيل نه ڏنو.

عورتن جي پابندين جي ڪري آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم افغانستان جي خلاف مارچ ۾ ٽن هڪ روزه ميچن جي سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪيو آهي.

خميص ڏينهن هڪ بيان ۾ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته آسٽريليا افغانستان سميت سموري دنيا ۾ مردن ۽ عورتن جي راندين جي ترقيءَ جي حمات جي لاءِ پر عزم آهي.

خيال رهي ته طالبان آگسٽ 2021 ۾ ڪابل تي قبضي کان پوءِ عورتن جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ تعليم کان روڪي ڇڏيو هو جڏهن ته تازو غير سرڪاري تنظيمن جي لاءِ ڪم ڪرڻ وارين عورتن کي به ڪم ڪرڻ تان روڪي ڇڏيو آهي. طالبان انهن پابندين جو سبب عورتن جي اسڪارف نه پائڻ يا ٻين سرڪاري شرعي قانون تي عمل نه ڪرڻ کي قرار ڏنو آهي.

اين جي اوز تي پابنديءَ جو وڏو سبب بين الاقوامي انساني گروهن افغانستان ۾ اهو چئي پنهنجو ڪم بند ڪيو آهي ته اهي عورتن جي اسٽاف کان سوان ڪم نه ٿا ڪري سگهن.

XS
SM
MD
LG