رسائی کے لنکس

زلزلي ۾ ڊٿل عمارتن جي ڍڳن منجهان زنده بچڻ وارا


ترڪيءَ جي ڏاکڻين علائقي، قهرمان عريش ۾ زلزلي جي چوٿين ڏينهن ڊٿل عمارتن جي کنڊر مان هڪ نينگري بچائي وئي، جنهن جي آڏو بچاءَ جو هڪ رضاڪار بيٺل آهي. 10 فيبروري، 2023.
ترڪيءَ جي ڏاکڻين علائقي، قهرمان عريش ۾ زلزلي جي چوٿين ڏينهن ڊٿل عمارتن جي کنڊر مان هڪ نينگري بچائي وئي، جنهن جي آڏو بچاءَ جو هڪ رضاڪار بيٺل آهي. 10 فيبروري، 2023.

چئن ڏينهن کان پوءِ ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جي زلزلي کان پوءِ ڪريل عمارتن جي ملبي جي ڍيرن مان زنده بچي نڪرڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي. تڏهن به ترڪيءَ جي ڏاکڻين علائقي حاطي ۾ کنڊرن مان ٻه ٽي ڄڻا زنده ڪڍيا ويا آهن، جن ۾ هڪ ڏهن سالن جو ٻار ۽ سندس ماءُ به شامل آهن.

عهديدارن ٻڌايو آهي ته سومر ڏينهن ترڪيه ۽ شام جي سرحد وارن علائقن ۾ زوردار زلزلي ۾ 21000کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا آهن، جڏهن ته هزارين زخمي ٿيا آهن. ان کان اڳ 2011 ۾ جاپان ۾ هاڃيڪار زلزلو ۽ سنامي آئي هئي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 20000 ماڻهو هلاڪ ٿي ويا هيا.

ملبي جي ڍير مان ڦاٿل ماڻهن جي ڳولها ۽ بچاءَ جو ڪم ڪندڙ ڪيترن ٽيمن وٽ ۽ ڪيترين هنڌن تي گهربل آلات نه هئڻ يا انهن جي ڪميءَ جي ڪري تيزيءَ سان ڪم نه ٿي سگهيو آهي. .

گڏيل قومن جي اداري پاران موڪليل ڇهه ٽرڪيون خميص تائين باب الحوا جي سرحدي چوڪيءَ کان شام اندر داخل نه ٿي سگهيون هيون. اهو ئي سرحدي لنگهه آئي جتان ٻنهين ملڪن مان لنگهي سگهجي ٿو، جنهن جي عالمي اداري پاران اجازت ڏنل آهي. اتان ئي ترڪيءَ کان شام جي لاءِ انساني بنيادن تي رسد وڃي سگهي ٿي. ترڪيءَ جي ان علائقي ۾ زلزلي جي ڪري تباهي ڦهليل هئي جتان ٽرڪن جو گزرڻ محال هو. انهيءَ سرحدي لنگهه کي هاڻي ئي گزرڻ جي قابل بڻايو ويو آهي.

علائقي ۾ شديد سردي آهي ۽ خطي جا هزارين بي گهر متاثرين کليل آسمان هيٺان رهڻ تي مجبور آهن.

شام ۾ صدر بشار الاسد ۽ سندس گهر واري جمعي ڏينهن حلب جي اسپتال پهتا ۽ زلزلي متاثرين جي خيريت پڇي. حلب شام جوٻيو وڏو شهر آهي جتي اڳ ۾ ئي ملڪي خانه جنگيءَ دوران ڪيترن سالن تائين بم باريءَ جي ڪري تباهي ڦهليل رهي آهي. اسد پاران زلزلي جي ڪري تباه ٿيل ملڪ جي ڪنهن حصي جو هي پهريون دورو آهي.

اسد ٽيلي ويزن تي هڪ هنگامي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏيکاريو ويو، پر اڃان تائين هن نه ملڪي عوام کي خطاب ڪيو آهي نه ئي قدرتي آفت جي باري ۾ ڪا اخباري ڪانفرنس ڪئي آهي.

ترڪيءَ جي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ واري قومي اداري خميص ڏينهن چيو آهي ته تقريبا 110،000 رضاڪار بچاءَ جي ڪم ۾ جنبيل آهن، جن وٽ 5،500 گاڏيون آهن، جيئن ته ٽريڪٽر، ڪرينيون، بلڊوزر، ۽ کوٽائي ڪرڻ وارو سامان. جنهن مان ڪجهه گهرايو ويو آهي ته جيئن زلزلي جي امداد ۾ڪم اچي سگهي.

ترڪ صدر رجب طيب ايردوان جمعي ڏينهن ترڪ شام سرحد جي ويجهو غازيانتپ شهر جي ويجهي متاثر علائقي جو دورو ڪيو، جيڪو هن شديد زلزلي جو مرڪز هيو.

ڪيترين هنڌن تي کيس متاثرين جي تنقيد ٻڌڻي پئي، جن جي خيال ۾ سرڪار پاران بچاءَ ۽ امداد جي ڪم ۾ ڍر ڪئي وئي آهي. زلزلو سومر جي ڏينهن آيو جڏهن ته ڪيترين علائقن ۾ اڃان تائين امدادي ڪم نه ٿيو آهي.

’بحران مٿان بحران’

شام جي لاءِ گڏيل قومن جي اداري جي رابطي ڪار اربع ڏينهن چيو آهي ته زوردار زلزلي جي ڪري ملڪ ۾ 59 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. زلزلي جي آفت کان اڳ ملڪ ۾انساني همدرديءَ جي امداد جي انتظار ڪرڻ وارن جو انگ هڪ ڪروڙ 53 لک هيو، جيڪو پوين ڏهن سالن دوران جاري رهڻ واري خانه جنگيءَ ۾ تباه حال ٿي چڪا هيا.

دمشق مان وڊيو بريفنگ ذريعي المصطفيٰ بن لامح نيو يارڪ ۾ عالمي اداري ۾ اخباري نمائندن کي تفصيل ڏنا. هن چيو ته ’’بحران مٿان هيءُ اڃان ٻيو بحران آهي’’.

هن چيو ته ڇڙو حلب ۾ عمارتن جو ٽيون حصو تباه ٿيو يا ڊهي پيو آهي، جنهن جي ڪري لڳ ڀڳ 100،000ڄڻا بي گهر ٿيا آهن.

زلزلي جي چوٿين ڏينهن قهرمان عريش ۾ ريسڪيو جي رضاڪارن هڪ وڌيڪ نينگريءَ، نور براختر کي جيرو بچائي ورتو. 10 فربروري 2023
زلزلي جي چوٿين ڏينهن قهرمان عريش ۾ ريسڪيو جي رضاڪارن هڪ وڌيڪ نينگريءَ، نور براختر کي جيرو بچائي ورتو. 10 فربروري 2023

انساني همدرديءَ جي بنياد تي امدادي ڪم ڪرڻ وارا توانائيءَ جي ڪميءَ جي گهربل امدادي ڪم ڪرڻ ۾ رنڊڪ محسوس ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پارو ڄمڻ وارو سيءُ ۽ زلزلي جي ڪري سڙڪون ۽ بنيادي ڍانچو تباه ٿيل ۽ ٽٽل آهي.

هوڏانهن خوراڪ جي عالمي اداري علائقي ڏانهن خوراڪ جي رسد موڪلي آهي، جنهن جي باري ۾ مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته اها رسد هڪ لک ماڻهن جي لاءِ هڪ هفتي تائين هلي سگهي ٿي.

صحت جي عالمي اداري دبئيءَ جي پنهنجي مرڪز مان طبي رسد سان ڀريل ٻه هوائي جهاز دمشق روانا ڪيا آهن. ليڪن وڌيڪ رسد جي تڪڙي ضرورت آهي.

خوراڪ جي عالمي اداري اربع ڏينهن چار ڪروڙ 60 لک ڊالر جي امداد جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن ايندڙ ٽن کان چئن مهينن تائين ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن.

(مارگريٽ بشير رپورٽ لکڻ ۾ مدد ڪئي. ڪجهه مواد ايسو سي اٽيڊ پريس، ايجنسي فرانس پريس ۽ رائيٽر تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG