يوڪرين تي روس جي حملي کي سال ٿي چڪو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ايندڙ هفتي قرارداد جي هڪ مسودي تي ووٽ ڏيندي جنهن ۾ اداري جي چارٽر مطابق ’’جلد کان جلد هڪ جامع، انصاف تي ٻڌل ۽ جٽادار امن تائين پهچڻ جي ضرورت’’ تي زور ڏنو ويندو.
ان قرارداد ۾ هڪ ڀيرو وري روس کان مطالبو ڪيو ويندو ته اهو پنهنجيءَ فوج کي واپس گهرائي ۽ دشمني بند ڪري.
توقع آهي ته 193 ميمبرن تي مشتمل جنرل اسيمبليءَ ۾ 24 فيبروريءَ تي جنگ جي آغاز جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي قرارداد تي ووٽنگ کان اڳ ۾ درجن کان مٿي ملڪن جا نمائندا تقريرون ڪندا. قرارداد تي خميص ڏينهن ووٽنگ جو امڪان آهي.
يوڪرين ۽ ان جي حامين کي اميد آهي ته جنرل اسيمبليءَ جا لڳ ڀڳ ٽي ڀاڱا ووٽ ان جي حمايت ۾ پوندا جنهن سان روس کي سفارتي طور تي اڪيلو ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
يوڪرين تي گڏيل قومن جي اداري جي حامين کي اميد آهي ته ڪاروائيءَ جي حوالي سان جنرل اسيمبلي توجه جو مرڪز آهي، ڇو ته 15 رڪني سلامتي ڪائونسل روس جي ويٽو جي ڪري ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا، چين، فرانس، برطانيه ۽ روس وٽ ويٽو جو اختيار آهي.
سلامتي ڪائونسل پوئين سال يوڪرين تي ڪيترا درجن اجلاس منعقد ڪيا هيا ۽ ايندڙ جمعي تي وزارتي سطح جي هڪ اجلاس ۾ يوڪرين جنگ تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
سفارت ڪارن چيو آهي ته ان ڳالهه جو امڪان ڪونهي ته روسي پرڏيهي وزير، سرگئي لاوروف ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.
قانوني لحاظ کان جنرل اسمبليءَ جي قراردادن تي عمل ڪرڻ جي پابندي ڪانهي پر انهن جو سياسي وزن هوندو آهي.
يوڪرين جنرل اسيمبليءُ جي قرارداد ۾ صدر زيلنسڪيءَ جا تجويز ڪيل 10 نڪتا شامل ڪرائڻ گهري پيو. ليڪن سفارت ڪارن جو چوڻ هو ته وڌيڪ ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ قرارداد کي سولو بڻايو ويو. ڪجهه ئي هفتن کان پوءِ ٻئي قرارداد ۾ 140 ملڪن انساني امداد تائين رسائي ۽ شهرن کي تحفظ ڏيڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. انهن قراردادن جي ڪري روس سفارتي محاذ تي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيل آهي.
ان کان پوءِ 143 ملڪن 12 آڪٽوبر تي يوڪرين جي چئن علائقن تي جزوي طور تي روس جي قبضي ۽ ضم ڪرڻ جي عمل جي مذمت ۾ ووٽ ڏنو ۽ سمورن ملڪن کان مطالبو ڪيو ته اهي روس جي هن ڏاڍائيءَ کي تسليم نه ڪن.
روس چيو آهي ته هن يوڪرين کي ’غير فعال’ ڪرڻ ۽ روسي زبان ڳالهائڻ وارن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ ’’خصوصي فوجي آپريشن’’ جو آغاز ڪيو هو. روس اولهه جي طاقتن تي اهو به الزام مڙهيو ته اهي يوڪرين کي مسلح ڪرڻ ۽ ماسڪو تي پابنديون لڳائي ان جي خلاف ’پراڪسي’ جنگ ۾ ملوث آهن.
آمريڪا ۽ اولهه جي اتحادين ان حملي کي هڪ خود مختيار ملڪ جي خلاف بنان ڪنهن چرچ جي زمين تي قبضي ڪرڻ جي ڪاروائي قرار ڏنو.
گڏيل قومن جي اداري ۾ آمريڪا جي سفير، لنڊا گرينفيلڊ گزريل مهيني چيو هو ته ’’جڏهن ڪو ملڪ ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملو ڪري رهيو هجي ته توهان غير جانبدار نه ٿا رهي سگهو. اهڙو عمل اقوام متحده جي چارٽر تي حملو آهي. هي هڪ آزاد ملڪ جي خودمختياريءَ تي هلان ڪرڻ جي برابر آهي. اهو هڪ آزاد ملڪ جي خودمختياريءَ تي حملو آهي. هي هڪ پاڙيسري ملڪ تي حملو آهي’’.
( هن رپورٽ جا ڪجهه تفصيل رائيٽرز تان ورتا ويا آهن)