آمريڪي فوج چيو آهي ته هن شام جي اڀرندي علائقي ۾ پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل گروھن جي ٺڪاڻن تي ڪيترائي هوائي حملا ڪيا آهن. اهي حملا خميس تي ڊرون حملي ۾ هڪ آمريڪي ڪانٽريڪٽر (ٺيڪيدار) جي مارجي وڃڻ جي جواب ۾ ڪيا ويا آهن.
وائس آف آمريڪا جي نمائنده ڪارلا باب جي رپورٽ موجب پينٽاگان چيو آهي ته آمريڪي ٺيڪيدار خميس ڏينهن شام جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ اتحادي فوجين جي اڏي تي ٿيندڙ هڪ ڊرون حملي ۾ مارجي ويو ھو.
انٽيليجنس ادارن جو خيال آهي ته اهو ايراني ڊرون هو جنهن جي حملي ۾ هڪ ٺيڪيدار مارجي ويو ھو ۽ پنج آمريڪي فوجين سميت ڇهه آمريڪي زخمي ٿيا ھئا.
بچاءَ واري آمريڪي وزير لائيڊ آسٽن خميس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران جي پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل گروھن جي استعمال ھيٺ تنصيبات تي ”ٺهڪندڙ ۽ تمام درست“ حملن جي صورت ۾ جواب ڏنو ويو آهي.
لائيڊ آسٽن چيو ته اھو هوائي حملو شام ۾ پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل گروھن پاران اتحادي فوجن جي خلاف ٿيندڙ تازي حملي سميت ٻين ڪيترن ئي حملن جو جواب آھي.
هن واضح ڪيو ته ڪنهن به گروھ کي اسان جي فوج تي ڇڙواڳي سان حملو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
آمريڪي بچاءَ واري وزير پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل گروھن کي پھتل نقصان جي تفصيل نه ٻڌائي.
ياد رھي ته پاسدارانِ انقلاب بنيادي طور تي ھڪ متبادل فوجي قوت طور ايران جي باقاعده فوج جي حيثيت ۾ ڪم ڪري ٿي. هيءَ فورس 1979 ۾ ايراني انقلاب کانپوءِ نئين اسلامي نظام جي بچاء لاءِ قائم ڪئي وئي ھئي.
شام جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ ٿيندڙ حملي بابت هڪ بيان ۾ پينٽاگان چيو آهي ته شام جي شهر حسڪه ۾ خميس ڏينهن ھڪ لڳي 38 منٽن تي فوجي اڏي جي سارسنڀال جي ڪم واري حصي کي ڊرون حملي سان نشانو بڻايو ويو.
واضح رهي ته شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش کي ٻيهر ڪرُ کڻڻ کان روڪڻ لاءِ لڳ ڀڳ 900 آمريڪي فوجي اڀرندي شام ۾ شامي ڪرد فوجين جي مدد لاءِ موجود آهن.
آمريڪا جي چيئرمين جوائنٽ چيفز آف اسٽاف جنرل مارڪ ملي خميس تي قانون سازن کي خبردار ڪيو ته ايران دهشتگرد گروھن ۽ گهرُو ويڙهه ۾ سرگرم ويڙهاڪن جي حمايت ذريعي وچ اوڀر جي خطي کي ڪمزور ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو اچي.
آمريڪي سينٽ ڪام ڪمانڊر جنرل ايرڪ ڪوريلا جي مطابق جنوري 2021 کان وٺي ھن وقت تائين عراق ۽ شام ۾ ايراني ويڙھاڪن آمريڪي فوجين تي 78 ڀيرا حملا ڪيا جن ۾ ڊرون ۽ راڪيٽ استعمال ڪيا ويا.