برطانيه ملڪيت تي روڪ لڳائڻ ۽ ويزا تي پابندين جهڙين تعزيرات جي تازي سلسلي جي طور تي سومر ڏينهن ايراني پاسداران انقلاب (آءِ آر جي سي) جي وڌيڪ عهديدارن تي پابنديون عائد ڪيون آهن. انهن ۾ فائنانسرز ۽ ڪمانڊر شامل آهن.
برطانيه چيو آهي ته اهو ’آءِ آر سي جي’ جي لاءِ ناڻو فراهم ڪرڻ واري هڪ فائونڊيشن جي پنجن ڊائريڪٽرن ۽ رياستي سيڪيورٽي سروس جي ٻن صوبائي ڪمانڊرن تي به پابنديون لڳائي رهيو آهي.
تازن مهينن دوران ايراني حڪومت جي طرفان 22 ورهن جي ڪرد نجاد ايراني خاتون کي پوليس جي حراست ۾ مارجي وڃڻ کان پوءِ سڄن ملڪ ۾ ٿيڻ وارن مظاهرن کي ڪچلڻ جي لاءِ تشدد، وڏي پيماني تي پڪڙ ڌڪڙ، ڦاسين سميت مختلف قسم جون سزائون ڏيڻ، اظهار رائي جي آزادي ۽ انساني حقن کان انڪار جي عمل جي رد عمل ۾ ايراني عهديدارن ۽ ادارن تي آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيه مختلف نوعيت جون پابنديون لڳايون آهن.
برطانيه جي پاران اعلان ڪيل سزائون ان سلسلي جي تازي ترين ڪڙي آهن.
برطانيه جي پرڏيهي وزير، جيمز ڪليورلي چيو آهي ته اڄ اسان ’آءِ آر جي سي’ جي اندر انهن سينئر ليڊرن جي خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهيون جيڪي حڪومت جي وحشياڻي ڏاڍ جي لاءِ ناڻو فراهم ڪرڻ جا ذمي دار آهن.
هن چيو ته اسان سموري دنيا ۾ پنهنجي شراڪت دارن سان ملي ايران ۾ بنيادي تبديليءَ جو مطالبو ڪرڻ وارن ايراني عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندا سين.
سال جي شروع کان وٺي، برطانيه ڪيترن ئي ايراني شخصيات جن ۾ ’آءِ آر جي سي’ جا اهم عهديدار ۽ وڏا ڪمانڊر به شامل آهن ۽ تنظيمن جون ملڪيتون منجمد ڪيون آهن ۽ انهن تي برطانيه جي سفر تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي.
انهن پابندين جو نشانو بنجڻ وارن ۾ تهران جو پرازيڪيوٽر جنرل به شامل آهي.
(هن خبر جي لاءِ معلومات اي ايف پيءَ تان حاصل ڪئي وئي آهي)