رسائی کے لنکس

ترڪيه ۽ شام جي زلزلي متاثرين جي لاءِ آمريڪي امداد


آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن (فائيل فوٽو)
آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن (فائيل فوٽو)

ڇهين فيبروريءَ تي ترڪيه ۽ شام ۾ ايندڙ 7.8 شدت جي زلزلي ۾ 36000کان وڌيڪ مري ويا جڏهن ته لکين زخمي ٿيا. زلزلو صبح سوير آيو، جنهن جي ڪري گهڻا اڃان پنهنجي گهرن جي کٽن تي سمهيل هيا، جنهن جي ڪري اهي ملبي جي ڍڳ اندر دٻجي ويا.

امدادي ٽيمون زنده بچي وڃڻ وارن جي مدد جي لاءِ انتهائي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته امدادي اداران چتاءُ ڏنو آهي ته برف ۽ سرد درجه حرارت سان گڏ پاڻي، پيغام رساني ۽ بجليءَ جي ڪمي سندن ڪوششن ۾ رڪاوٽ وجهي رهيون آهن. شام ۽ ترڪيه ۾ لڳ ڀڳ 36،000 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته 108،000زخمي ٿيا آهن.

ترڪ حڪومت، ’وائيٽ هيلمٽس’ ۽ ميڊيا جي انگن اکرن جي مطابق، ترڪيءَ جي شهر عثمانيه ۾ هڪ اخباري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته زلزلي جي ڪري 6،444 عمارتون ڊهي پيون آهن. ٻن درجن کان وڌيڪ ملڪن جون ٽيمون ترڪيءَ ۾ موجود آهن جيڪي مڪاني هنگامي اٽالي کي بچاءَ ۽ بحاليءَ جي ڪوششن ۾ مدر ڏئي رهيون آهن.

ملڪ ۾ امدادي ڪم ڪرڻ تي شام جي حڪومت جي پابندين جي ڪري شام ۾ امداد فراهم ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي. گڏيل قومن جي اداري کي ترڪيه مان اتر اولهه شام ۾ امداد آڻڻ جي لاءِ هڪ سرحدي چوڪيءَ تان اچڻ جي اجازت آهي جيڪا زلزلي کان پوءِ عارضي طور تي بند ڪئي وئي هئي، جنهن سان امدادي سرگرمين ۾ رنڊڪ پيدا ٿيل آهي. هوڏانهن نائين فيبروريءَ تي گڏيل قومن جي اداري جو امدادي قافلو آخر ڪار زلزلي کان پوءِ پهريون ڀيرو ترڪيه کان شام جي اتر اولهه واري هنڌ داخل ٿيڻ ۾ڪامياب ٿيو.

آمريڪا جي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن هڪ تازي اخباري ڪانفرنس ۾ ترڪيه ۽ شام ۾ حقيقي معنيٰ ۾ وڏي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اسان سموري دنيا جا ماڻهو مري ويلن جو سوڳ ملهائي رهيا آهيون، ۽ اسان انهن جي غم ۾ پوريءَ ريت شريڪ آهيون جن پنهنجا پيارا وڃايا آهن.

بلنڪن چيو ته آمريڪا متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.

هن چيو ته هن وقت تائين اسان ڏيڍ سو کان وڌيڪ ڳولها ۽ بچاءَ جا اهل ڪار ترڪيه موڪليا آهن. اتي آمريڪي هيلي ڪاپٽر موجود آهن جيڪي ان علائقي تائين پهچڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن جتي عام رسائي مشڪل آهي.

بلنڪن چيو ته شام ۾ اسان وٽ ’وائيٽ هيلمٽس’ جهڙا غير سرڪاري تنظيمن جا ساٿي آهن جن کي اسان سالن کان وٺي فنڊ فراهم ڪري رهيا آهيون. هاڻي زلزلي اچڻ کان پوءِ اهي زندگي بچائڻ وارو امدادي ڪم ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته ٻنهين ملڪن ۾ اسان اندازا هڪ لک ستر هزار پائونڊ خصوصي آلات ۽ ان سان گڏ تجزيه ڪار، امرجينسي مينيجرز، خطرناڪ مواد هٽائڻ جا ٽيڪنيڪي ماهر، انجنيئر، لاجسٽڪ، پيراميڊڪس، منصوبه ساز فراهم ڪيا آهن.

آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته اسان پر عزم آهيون ته ايندڙ ڏينهن، هفتن ۽ مهينن ۾ انهن زلزلن جي ڪري متاثر ٿيڻ وارن جي مدد جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.

XS
SM
MD
LG