نالي چڙهي چيني وڊيو ايپ ’ٽڪ ٽاڪ’ کي آمريڪي ايوان نمائندگان جي استعمال هيٺ سمورن ڊجيٽل آلات جي لاءِ ممنوع قرار ڏنو ويو آهي. ايوان جي انتظامي شعبي مطابق، جلد ئي آمريڪي حڪومت جي سڀني ڊجيٽل آلات ۾ ٽڪ ٽاڪ ايپ جي استعمال تي پابندي لڳائي ويندي.
ايوان جي ’سي اي او’ اڱاري ڏينهن سڀني قانون سازن ۽ عملي کي موڪليل هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته ايپ کي ’’سيڪيورٽي جي ڪيترن ئي مسئلن جي ڪري وڏي درجي جو خطرو’’ سمجهيو ويندو آهي ۽ ان کي ايوان جي انتظام هيٺ سمورن آلات تان ڊيليٽ ڪرڻ گهرجي.
هي نئون ضابطو آمريڪا جي رياستي حڪومتن جي پاران بيجنگ ۾ ’بائيٽ ڊانس لميٽيڊ’ جي ملڪيت واري ٽڪ ٽاڪ تي سرڪاري ڊجيٽل آلات ۾ پابندي لڳائڻ جي سلسلي ۾ قدم کڻڻ کان پوءِ عمل ۾ آيو آهي.
گزريل هفتي تائين 19 رياستن گهٽ ۾ گهٽ جزوي طور تي سمورين رياستن جي انتظام هيٺ ڪم ڪرڻ وارن ڊجيٽل آلات منجهان هن ايپ کي بلاڪ ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري ان ڳالهه جو خطرو آهي ته چيني حڪومت ان ايپ کي آمريڪين کي ٽريڪ ڪرڻ ۽ مواد کي سينسر ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿي.
آمريڪي حڪومت کي 30 سيپٽمبر 2023 تائين فنڊ فراهم ڪرڻ جي لاءِ گزريل هفتي منظور ڪيل 1.66 ٽريلين ڊالر جي ’اومني بس’ اخراجات جي بل ۾ وفاق جي زير انتظام ڊجيٽل آلات ۾ ايپ تي پابندي لڳائڻ جي شق شامل آهي ۽ صدر جو بائيڊن جي طرفان قانون سازيءَ تي صحي ڪرڻ کان پوءِ ان تي عمل ڪرائڻ ممڪن ٿيندو.
ڇيف ايڊمنسٽريٽو آفيسر جي ترجمان اڱاري ڏينهن رائيٽرز کي ٻڌايو ته ’اومني بس’ بل جي منظوريءَ جي لاءِ، جنهن ۾ ٽڪ ٽاڪ جي ’اگزيڪٽو برانچ ڊوائيسز’ تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي، سي اي او ايوان جي انتظامي ڪاميٽيءَ سان ملي ايوان جي لاءِ ساڳي قسم جي پاليسي نافذ ڪرڻ تي ڪم ڪندو.
عملي کي موڪليل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته پنهنجي ڪنهن ڊوائيس تي ٽڪ ٽاڪ رکڻ واري ڪنهن به شخص کان ان ايپ کي هٽائڻ جي لاءِ چيو ويندو ۽ مستقبل ۾ ان ايپ کي ڊائون لوڊ ڪرڻ غير قانوني هوندو.
(هيءَ خبر رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)