رسائی کے لنکس

ڪرونا جو مڪمل خاتمو اڃان نه ٿيو آهي، سربراه آئي ايم ايف


عالمي اداره صحت جو لوگو
عالمي اداره صحت جو لوگو

صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل تيدرس اڌانوم گيبرشيس چتاءُ ڏنو آهي تہ ڪووڊ 19جي وبا اڃان ختم نہ ٿي آهي.

هن اها ڳالھ امريڪي اڳواڻيءَ ۾ تازومنعقد ٿيل ڪووڊ 19 جي ورچوئل سربراه اجلاس کي خطاب ڪندي ٻڌائي، جنهن جي ميزبانيءَ ۾ بيلز، جرمني، انڊونيشيا ۽ سينيگال جا ملڪ شامل هيا.

تيدرس چيو تہ حالانڪہ دنيا جي سطح تي وبا جي ڪيسن ۾ گهٽتائي ٿي آھي ۽ فوتگيءَ ۾ ڪمي آئي آهي، پراهو چوڻ غلط ٿيندوتہ وبا ختم ٿي وئي آهي.

اعلي اهلڪارانڪشاف ڪيو تہ درحقيقت وبا 70 کان وڌيڪ ملڪن ۾ زور پڪڙي رهي آهي.

ساڳي وقت، بيماريءَ جي ارتقا جي باري ۾ اڃان توڻي گهربل ڄاڻ نہ هئڻ برابرآهي، جڏهن تہ ٽيسٽ ڪرائڻ تي ايندڙخرچ عالمي سطح تي چوٽ چڙهي ويوآهي.

صحت جي عالمي اداري جي سربراه بقول، گهٽ ترقي يافتہ ملڪن جي تقريباً هڪ ارب عوام کي اڃان تائين ڪووڊ 19 جي ويڪسين ناهي لڳي. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته جيترو جلد ممڪن ٿئي اسان کي سمورن ملڪن جي 70 في صد آباديءَ تائين پهچڻ گهرجي، جنهن دوران انهيءَ آباديءِ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي جن کي وڌ کان وڌ خطرو ٿي سگهي ٿو.

ان دوران، نيو يارڪ ٽائمز جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ افريقه جي ڪووڊ 19 جي پهرين لائسنز يافته فيڪٽري پيداوار بند ڪري رهي آهي ڇو تہ ان کي اڄ تائين دواسازيءَ جو ڪو بہ آرڊر ناهي مليو.

ان اخباري رپوٽ مطابق ڏکڻ افريقہ ۾ ايسپن ڦارماڪيئرڪمرشل بنيادن تي اڄ تائين ڪووڊ ويڪسين ٺاهڻ جي شروعات ئي ڪانہ ڪئي آهي.

گزريل سال جي آخر ۾ اهواعلان سامهون آيو هوجنهن چيو ويو هو ته سائوٿ افريقہ جي ان تنصيب ۾ ڪووڊ ويڪسين تيارڪئي ويندي، جنهن کان اڳ ۾ ڪمپنيءَ جانسن اينڊ جانسن سان هڪ سمجهوتو طي ڪيو هو، جنهن کان پوءَ دعوي ڪئي وئي هئي تہ هاڻي ويڪسين تائين رسائيءَ ۾ اڻ برابريءَ وارومعاملو حل ٿي ويندو.

نيو يارڪ ٽائمز مطابق ايسپن ڪمپنيءَ جي سربراه، اسٽاروس نڪولي چيو آهي تہ جيڪڏهن ايندڙ ڇهن هفتن تائين ويڪسين ٺاهڻ جا آرڊر نہ مليا تہ ڪمپني ڪووڊ ويڪسين جي تياريءَ جو ڪم بند ڪري ڇڏيندي.

جاهنز هاپڪنز ڪورونا وائرس رسوس سينٽر جي انگن اکرن موجب دنيا ۾ اڄ تائين مرض جا 52 ڪروڙتصديق شده ڪيس ريڪارڊ ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ 60 لکن کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. جاهنز هاپڪنز مطابق اڄوڪي ڏينھن تائين 11 ارب ويڪسين لڳايون ويون آهن.

XS
SM
MD
LG