خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ملڪ جي قرض جي پروگرام جي بحاليءَ جي لاءِ عالمي مالياتي اداري جي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪي جو طئي ٿيل دورو منسوخ ڪري ڇڏيو آهي.
هن دوري ۾ اسحاق ڊار بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان تعطل جي شڪار بيل آئوٽ پيڪيج جي بحاليءَ جي لاءِ عهديدارن سان ملاقاتون ڪرڻ وارو هيو. اهي گڏجاڻيون ان ڪري به اهم هيون جو پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ قرض جي پروگرام جي بحاليءَ جي لاءِ مذاڪرات ڪجهه عرصي کان معطل ٿيل هيا.
اسحاق ڊار کان علاوه اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير اياز صادق به آمريڪا وڃي رهيو هو. اياز صادق عالمي بينڪ جي بهار جي موسم جي اجلاس ۾ به شريڪ ٿيڻو هو جيڪو واشنگٽن ڊي سيءَ ۾ 10 اپريل کان 16 اپريل تائين ٿيڻ وارو آهي.
خراب معاشي صورت حال ۽ آءِ ايم ايف سان ’اسٽاف ليول معاهدي’ ۾ دير کي ڏسندي، اسحاق ڊار جي آمريڪا جي هن دوري کي گهڻي اهميت ڏني پئي وئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جڏهن پاڪستان ساڍن ڇهن ارب ڊالر جي معطل ٿيل پروگرام جي بحاليءَ ۾ حائل رنڊڪن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهڙي وقت آئي ايف ايم واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيڻ واري اجلاس کي نظرانداز ڪرڻ ايترو سولو ڪونهي.
معاشي ماهرن چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام جي بحاليءَ ۾ دير معيشت کي خوفناڪ حالت ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
اسحاق ڊار ملڪ ۾ جاري سياسي بي يقينيءَ کي دوري جي منسوخيءَ جو سبب قرار ڏنو آهي. هن خبرن جي ادارن کي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته هو ملڪي حالتن جي ڪري آمريڪا جي دوري تي نه وڃي رهيو آهي.
خيال رهي ته هلندڙ هفتي سپريم ڪورٽ جي پاران پنجاب اسيمبليءَ جي چونڊن ڪرائڻ جي فيصلي کي وفاقي ڪابينا ۽ قومي اسيمبليءَ قرارداد جي ذريعي رد ڪيو آهي جنهن کان پوءِ حڪومت ۽ اعليٰ عدالت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪيفيت جاري آهي.
عالمي مالياتي ادارن جي بهار جي موسم جي انهن اجلاسن ۾ هاڻي خزاني ۽ اقتصادي ناتن جا وفاقي سيڪريٽري ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ پاڪستان جي نمائندگي ڪندا.
دورو ڇو منسوخ ٿيو؟
مبصرن چيو آهي ته ملڪ جي اندروني سياسي صورت حال کان علاوه عالمي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن کان متوقع نتيجا نه نڪرڻ به آمريڪا جي دوري جي منسوخيءَ جو سبب ٿي سگهي ٿو.
معاشي ماهر فرخ سليم جي مطابق، ائين محسوس ٿئي ٿو ته حڪومت ڄاڻي واڻي آءِ ايم ايف کي نظرانداز ڪري رهي آهي.
ٻئي پاسي، خزاني جي اڳوڻي وزير، ڊاڪٽر اشفاق حسن چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت غير معمولي سياسي حالتون آهن جنهن کي ڏسندي خزاني جي وزير إسحاق ڊار فيصلو ڪيو هوندو ته سندس هتي موجودگي وڌيڪ ضروري آهي.
ياد رهي ته جمعي ڏينهن وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سياسي ۽ فوجي قيادت داخلي سلامتيءَ جي معاملن تي بريفنگ ۾ حصو ورتو.
اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اخباري ڪانفرنس کي ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن و امان جي مجموعي صورت حال تي بريفنگ ورتي وئي ۽ خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشت گرديءَ جي خاتمي جي لاءِ قومي ايڪشن پلان کي بحال ڪندي موثر عمل درآمد جو فيصلو ڪيو ويو.