يوڪرين جي صدر ولودومير زيلنسڪيءَ چيو آهي ته ڪيترن ئي ناسازگار حالتن جي باوجود يوڪرين هاڻي به روس جي جارحيت جي خلاف پختو بيٺو آهي. هن چيو ته جنگ جاري آهي، پر مون محسوس ڪيو ته آمريڪا جي رهنمائن ۽ آمريڪي عوام جي ٿورن جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ دورو ڪرڻ ضروري آهي جن روس سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اسان جي هر ڪا مدد ڪئي.
ڪانگريس جي غير معمولي اجلاس کي خطاب ڪندي، يوڪرين جي صدر چيو ته هو ان ڳالهه جو عهد ڪري رهيو آهي ته هن جنگ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن قسم جو ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
هن چيو ته صدر بائيڊن ۽ آمريڪي ڪانگريس اربين ڊالرن سان هن جنگ ۾ يوڪرين جي مدد ڪري رهيا آهن.
ڪانگريس کي زيلنسڪيءَ جي خطاب کان اڳ صدر جو بائيڊن يوڪرين جي صدر جو اوول آفيس ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ۽ چيو ته آمريڪا ۽ يوڪرين مشترڪه دفاع جي لاءِ ملي ڪوششون جاري رکندا، جڏهن ته روس يوڪرين جي بطور قوم وجود جي حق تي سفاڪانه حملو ڪري رهيو آهي.
اربع جي رات ڪانگريس جي اجلاس کي خطاب ڪرڻ لاءِ جڏهن صدر زيلنسڪي ايوان ۾ پهتو ته ميمبرن بيهي زوردار تاڙين سان سندس آڌرڀاءُ ڪيو.
ان موقعي تي، ايوان نمائندگان جي اسپيڪر، نينسي پيلوسي ۽ نائب صدر ڪملا هيرس مهمان صدر کي آمريڪا جو جهنڊو پيش ڪيو، جنهن تي صدر زيلنسڪيءَ جواب ۾ ٻنهين رهنمائن کي يوڪرين جي فوجين جي دستخطن وارو يوڪرين جو قومي جهنڊو پيش ڪيو.
پنهنجي خطاب ۾ يوڪرين جي صدر هر آمريڪي شهريءَ جو شڪريو ادا ڪيو جن روس جي جارحيت جي خلاف يوڪرين جي مدد ڪئي آهي.
هن چيو ته ’’آمريڪا ۽ ان جي عوام نقد رقمن ۽ هٿيارين جي صورت ۾ يوڪرين جي مدد ڪئي آهي، اها رڳو چيرٽي ناهي بلڪه عالمي امن جي لاءِ آمريڪا جي سرمايه ڪاري آهي’’. بقول سندس، اسان اهو وعدو ڪيون ٿا ته اسان ان کي ذمي داريءَ سان استعمال ڪندا سين.
هن هڪ موقعي تي چيو ته هن وٽ روس جي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ هٿيار آهن ليڪن اهي ڪافي ڪونهن.
زيلنسڪيءَ وڌيڪ چيو ته ’’ڇا اسان وٽ اسلحو آهي؟ بلڪل آهي. ڇا اهو ڪافي آهي؟ نه اهو ڪافي ڪونهي. اها اسان جي آزاديءَ ۽ جمهوريت جي جنگ آهي ۽ ان جنگ ۾ اسان جي مدد جي لاءِ مان توهان جو دل سان ٿورائتو آهيان.
صدر زيلنسڪيءَ چيو ته ايران هاڃيڪار ڊرون روس کي ڏنا آهن. جيڪڏهن اڄ روس کي نه روڪيو ويو ته، سندس بقول، ’’اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن روس سينٽرل يورپ جي اتحادين کي به نشانو بنائڻ ۾ دير نه ڪندو’’.
هن چيو ته ايندڙ سال يوڪرين جي جنگ ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيندو، جڏهن يوڪرين جي عوام جا حوصله ۽ آمريڪي عوام جو عزم گڏيل آزاديءَ جي اسان جي مستقبل ۽ ماڻهن جي آزاديءَ جي ضمانت ڏيندو.
آمريڪي رهنمائن ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان. امداد چيرٽي ناهي، عالمي امن جي سيڙپ آهي
صدر زيلنسڪيءَ آمريڪي ڪانگريس کي انگريزي زبان ۾ خطاب ڪيو، جنهن دوران هن خبردار ڪيو ته يوڪرين جي جنگ ۾ يوڪرين جو مستقبل ئي نه بلڪه گهڻو ڪجهه داءَ تي لڳل آهي. سندس بقول، ’’دنيا جي جمهوريت جو امتحان ورتو پيو وڃي’’.
هن جي زباني، ’’هن جنگ کي محض ان اميد تي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪو سمنڊ يا ڪجهه ٻيو ان ۾ تحفظ فراهم ڪندو’’.
صدر زيلنسڪي روس کي دهشت گرد رياست قرار ڏنو، ۽ ان تي وڌيڪ عالمي پابنديون لڳائڻ جو مطالبو ڪيو.
يوڪرين جي جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ صدر زيلنسڪيءَ جو هيءُ پهريون غير ملڪي دورو آهي. هن جنگ کي تقريبا 300 ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن.
هن آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن کي ٻڌايو ته يوڪرين ڪڏهن به هٿيار ڦٽا نه ڪندو ۽ ڪو سمجهوتو نه ڪندو.
اهڙي وقت جڏهن يوڪرين جو صدر آمريڪا جي دوري تي آهي، روس جو صدر ولاديمير پوٽن ۽ دفاع جو وزير سرگئي شوئيگو سلسلي وار اعلانن ۾ چيو آهي ته ملڪي فوج جي ڪيترن ئي شعبن ۾ پائيدار سرمايه ڪاري ڪئي ويندي، جنهن ۾ مسلح فوج جي تعداد ۾ واڌ آڻڻ، اسلحي جي پروگرام ۾ وسعت ۽ هائپر سانڪ جهازن جو استعمال شامل آهي.