رسائی کے لنکس

’مون کي 2024 جي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي’


اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيڪساس جي شهر وائڪو ۾ پنهنجي پهرين انتخابي ريليءَ کي خطاب ڪندي. 25 مارچ 2023
اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيڪساس جي شهر وائڪو ۾ پنهنجي پهرين انتخابي ريليءَ کي خطاب ڪندي. 25 مارچ 2023

آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ الزام مڙهيو آهي ته جو بائيڊن جي انتظاميا کيس 2024 جي صدارتي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي لاءِ هر قسم جا اپاءَ ڪري رهي آهي. هو 2024 ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ پاران صدارتي نامزدگي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.

ٽيڪساس جي رياست جي شهر وائيڪو ۾ ڇنڇر ڏينهن پنهنجي انتخابي مهم جي پهرينءَ ريليءَ کي خطاب ڪندي، اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انصاف جي نظام تي تنقيد ڪندي چيو ته چونڊن کان پري رکڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون، ڇو ته هو ملڪ جي مفاد کي اولين ترجيح ڏيندو آهي.

هن پنهنجي تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته آمريڪا جو عوام ملڪ جي لاءِ سندس خدمتن کان نه رڳو آگاه آهي پر کيس پنهنجو پسنديده متبادل اميدوار سمجهندو آهي.

ٽرمپ چيو ته کيس هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ الجهائي ۽ سزا ڏياري رستي کان هٽايو پيو وڃي. ان جي لاءِ هن ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ تي سازش رچائڻ جو الزام به لڳايو. هن چيو ته ملڪ ڪي ’’بنانا ري پبلڪ’’ ٺاهڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون.

اڳوڻي صدر جي خلاف اڄ ڪلهه نيويارڪ جي مين هيٽن علائقي جي گرانڊ جيوريءَ جي آڏو ڪيس هلي رهيو آهي جنهن ۾ سندس خلاف الزام عائد ٿي سگهن ٿا.

اها گرانڊ جيوري جلد ئي فيصلو ڪندي ته اڳوڻي صدر جي خلاف الزام لڳايا وڃن جنهن جو تعلق 2016 جي صدارتي چونڊن جي مهم دوران ٽرمپ جي اڳوڻي وڪيل مائيڪل ڪوهن پاران هڪ ’پورن اسٽار’ کي هڪ لک 30 هزار ڊالر جي لڪل ادائگيءَ سان آهي.

اها رقم ’پورن اسٽار’ کي پوشيده طور تي ادا ڪئي وئي هئي ته جيئن 2016 جي صدارتي چونڊن جي مهم جي دوران هوءَ پنهنجي زبان بند رکي.

ٽرمپ جي حامي ريپبلڪنز ان ڪيس تي تنقيد ڪندي ان کي اڳوڻي صدر جي خلاف سياسي ڪاروائي قرار ڏنو آهي.

ان ڪيس ۾ جيڪڏهن صدر ٽرمپ تي الزامن جو پروانو عائد ڪيو وڃي ٿو ته آمريڪا جي تاريخ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ پهريون اڳوڻو صدر هوندو جنهن تي ڪنهن فوجداري ڪيس ۾ فرد جرم داخل ڪيو ويندو.

اڳوڻي صدر سوشل ميڊيا تي پنهنجي حامين کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪڏهن کيس حراست ۾ ورتو وڃي ٿو ته اهي ڀرپور احتجاج ڪن.

وائيڪو ۾ ريليءَ کي خطاب ڪندي، ٽرمپ پنهنجي ڪنهن نئينءَ حڪمت عمليءَ جو اعلان نه ڪيو. ميڙ ۾ سندس حق ۾ نعرا لڳايا ويا. جلسي جي ڪاروائيءَ جي شروعات تي اڳوڻي صدر قومي تراني سان گڏ ’وفاداريءَ جي عهد’ جا لفظ ورجايا.

ڊونلڊ ٽرمپ الزام لڳايو ته بائيڊن انتظاميا آمريڪي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ بدعنوان حڪومت آهي.

گزريل سال وچئين مدي جي چونڊن جي دوران ٽرمپ پنهنجو بيانيو 2020 جي صدارتي چونڊن ۾ نالي ڪوٺي’دانڌلي ۽ نتيجن جي چوري’ تي ٻڌل هئي، جڏهن ته هن ڀيري هن انصاف جي نظام جي مبينه غلط استعمال کي نئون موضوع بڻايو آهي.

اڃان اها ڳالهه واضح ناهي تو ٽرمپ جي خلاف الزام ڪڏهن لاڳو ڪيا ويندا. مين هيٽن جي گرانڊ جيوري سومر ڏينهن ان ڪيس جي هڪ دفعو ٻيهر ٻڌڻي ڪندي.

(هن رپورٽ جي معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس ۽ رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG