رسائی کے لنکس

بلنڪن جو اسرائيل جو دورو، تشدد روڪڻ جي لاءِ بردباريءَ تي زور


اينٽني بلنڪن جي بينجامن نيتن ياهوءَ سان ملاقات. 30 جنوري 2023
اينٽني بلنڪن جي بينجامن نيتن ياهوءَ سان ملاقات. 30 جنوري 2023

مشرق وسطيٰ جي ٽن ڏينهن جي دوري تي آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن سومر ڏينهن اسرائيل پهتو ۽ اتي هن تشدد جي تازن واقعن ۾ ايندڙ واڌ کان پوءِ تڪڙو ئي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.

مصر ۾ ڪجهه دير جي دوري کان پوءِ هو تل ابيب پهتو جتي هن اسرائيلي شهرين کي نشانو بنائڻ واري تازي فلسطيني حملي جي مذمت ڪئي، ليڪن ان سان گڏ ئي هن اسرائيل کي رد عمل ۾ بردباريءَ جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته سموريون ئي شهري هلاڪتون قابل قبول ناهن.

هن گزريل جمعي تي هڪ يهودي عبادت گاه جي ٻاهران ٿيڻ واري حملي جو حوالو ڏنو جنهن ۾ ست ڄڻا فوت ٿيا ۽ ڪيترا زخمي ٿيا هيا. هن چيو ته دهشت گرديءَ جي ڪنهن به ڪاروائيءَ ۾ بي گناه جان وٺڻ هميشه تمام ظالمانه جرم هوندو آهي، ليڪن ماڻهن کي سندن عبادت گاه کان ٻاهر نشانو بنائڻ خاص طور تي افسوس ناڪ آهي.

هن چيو ته اسان ان جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. اسان انهن سمورن ماڻهن جي مذمت ڪيون ٿا جيڪي دهشت گرديءَ جي واقعن يا اهڙي ڪنهن دهشت گرديءَ جي ڪاروائيءَ تي جشن ملهائن ٿا، جنهن ۾ انساني جانيون ضائع ٿين ٿيون، ان ڳالهه کان قطع نظر ته ان جا متاثر ٿيندڙ ڪير آهن ۽ انهن جو تعلق ڪهڙي عقيدي سان آهي.

هن وڌيڪ چيو ته بي گناه متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي موت جي خلاف انتقام جون اپيلون جو غلط آهن ۽ عام شهرين جي خلاف انتقامي ڪاروائين کي ڪڏهن به جواز جي طور تي پيش نه ٿو ڪري سگهجي.

بلنڪن جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اچڻ کان ڪجهه ئي دير اڳ صحت جي فلسطيني وزارت چيو ته اسرائيلي فورسز ڇڪتاڻ واري شهر الخليل ۾ هڪ فلسطينيءَ کي ماري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ جنوريءَ ۾ مارجي وڃڻ وارن فلسطينين جو تعداد 35 تائين پهچي ويو آهي.

تازو ترين تشدد گزريل هفتي ان وقت شروع ٿيو جڏهن اسرائيلي فوج مغربي ڪناري جي شهر جينن ۾ هٿياربندن جي هڪ مضبوط ڳڙهه تي ڇاپو هڻي 10 ڄڻن کي ماري ڇڏيو، جن منجهان اڪثريت هٿياربند ماڻهن جي هئي. ان کان پوءِ يروشلم ۾ ست اسرائيلين جي هلاڪ ٿيڻ جو واقعو پيش آيو.

بلنڪن انهن تازي ترين حملن کي تشدد ۾ هڪ نئون ۽ خوفناڪ اضافو قرار ڏنو.

هن چيو ته اها هر ڪنهن جي ذمي داري آهي ته اهي ڇڪتاڻ کي هوا ڏيڻ جي بجاءِ ان کي پرسڪون ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته تشدد جي ان وڌندڙ لهر کي روڪڻ جو واحد طريقو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي جانيون ضائع ٿيون آهن، جن ۾ ڪيترن اسرائيلين ۽ ڪيترن ئي فلسطينين جون جانيون شامل آهن.

(هن رپورٽ جو مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG