پرڏيهي ناتن جو آمريڪي وزير، اينٽني بلنڪن 29 جنوريءَ کان مصر، اسرائيل ۽ اولهندي ڪناري جو دورو ڪندو، جنهن ۾ يوڪرين جي امداد، روس ۽ ايران جي وڌندڙ ويجهڙائي، ۽ اسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ڏيڻ جا معاملا سندس ايجنڊا جو حصو هوندا.
آمريڪي پرڏيهي محڪمي خميص ڏينهن چيو آهي ته بلنڪن شراڪت دارن سان ملي جن معاملن تي صلاح مشورو ڪندو ان ۾ روس جو حملو، ايران، اسرائيل، فلسطين تعلقات ۽ اسرائيل فلسطين تنازعي جي ’ٻه رياستي’ حل جو تحفظ ۽ انساني حقن ۽ جمهوري قدرن جو تحفظ شامل آهن.
اسرائيل يوڪرين کي طبي ۽ انساني امداد فراهم ڪئي آهي، ليڪن ڪئيف کي فوجي ساز و سامان موڪلڻ کا ڪيٻايو آهي. اهڙو قدم ماسڪو جي شڪ جو سبب بڻجي سگهي ٿو جنهن سان اسرائيل جي پاڙيسري ملڪ شام ۾ روس ۽ شام جي وچ ۾ ناتن کي ڏسندي اسرائيل جي سلامتي جي مفادن کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
آمريڪا، روس يوڪرين جنگ تي اسرائيل جي موقف تي تنقيد ڪرڻ کان پاسو ڪندي يوڪرين جي لاءِ اسرائيل جي حمايت حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
اينٽني بلنڪن 29 کان 31 جنوريءَ تائين مشرق وسطا جو دورو ڪندو، جڏهن ته ان کان اڳ وائيٽ هائوس جي قومي سلامتيءَ جو صلاح ڪار جيڪ سليوان 18 کان 20 جنوريءَ تائين اسرائيل ۽ فلسطيني رهنمائن سان ملاقاتون ڪري چڪو آهي.
وائيٽ هائوس چيو آهي ته سليوان انهن ملاقاتن ۾ ايران جي خطري کي نظر ۾ رکندي اسرائيل جي سلامتيءَ جي لاءِ آمريڪا جي اٽل عزم کي ورجايو.
آمريڪي عهديدارن ايران تي الزام مڙهيو آهي ته اهي يوڪرين تي حملن جي لاءِ ماسڪو کي ڊرون فراهم ڪري رهيو آهي. ايران روس کي ڊرون ڏيڻ جو اعتراف ته ڪيو آهي، پر سندس چوڻ آهي ته اها منتقلي يوڪرين تي ماسڪو جي حملي کان پهرين ٿي هئي.
پنهنجي دوري جي دوران اينٽني بلنڪن يروشلم ۾ اسرائيلي وزير اعظم بينجامن نيتن ياهو، پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن ۽ ٻين چوٽيءَ جي عهديدارن سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته اولهندي ڪناري ۾ فلسطيني اٿارٽيءَ جي صدر محمود عباس ۽ ٻين سينئر عهديدارن سان به ملندو.
قاهره ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير آمريڪا ۽ مصر جي وچ ۾ حڪمت عمليءَ جي نوعيت جي شراڪت داريءَ کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ صدر عبدالفتح السيسي ۽ پرڏيهي وزير سامع شڪريءَ سان ملاقات ڪندو. هو ليبيا ۾ چونڊن جي لاءِ مشترڪا حمايت ۽ سوڊاني قيادت جي جاري سياسي عمل تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.
(وي او اي نيوز)