پاڪستان جي پيٽروليم ۽ توانائيءَ جي مملڪتي وزير، سينيٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي جو روس کان تيل درآمد ڪرڻ متعلق بيان سندس ذاتي يا اخباري معلومات جي بنياد تي آهي، جيڪو روس کان تيل جي خريداريءَ تي اثرانداز نه ٿيندو.
جمعي جي ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هلندڙ مهيني ماسڪو جي دوري دوران روسي عمل دارن نه صرف خام تيل جي فراهميءَ جي پيش ڪش ڪئي، بلڪه اها يقين دهاني به ڪرائي آهي ته پاڪستان کي ايترو ئي سستو تيل ڏنو ويندو جيترو ڪنهن ٻئي ملڪ کي ڏنو پيو وڃي.
ان کان اڳ، پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي خميص ڏينهن نيو يارڪ ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي چيو هو ته پاڪستان روس کان تيل نه خريديو آهي ۽ نه ئي خريدي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙو نظام موجود ڪونهي جيڪو روسي تيل کي صاف ڪري سگهي، ليڪن ڀارت ۾ اهو نظام موجود آهي. هيليتائين پاڪستان روس کان تيل خريد نه ڪري رهيو آهي، ليڪن اسان روس کان ڪجهه ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهيون.
ان جي برعڪس، وزير مملڪت چيو ته پاڪستان جون ٽي آئل رفائنريز روس جي خام تيل کي قابل استعمال بڻائي سگهن ٿيون ۽ ماسڪو جي دوري کان اڳ انهن رفائينريز کان انهن جي صلاحيت ۽ ضرورتن بابت معلوم ڪيو ويو هو.
هن چيو ته هيءُ ٽيڪنيڪي معاملو آهي جنهن جو تعلق وزارت توانائيءَ سان آهي، پرڏيهي وزارت سان ناهي. ان ڪري، ان باري ۾ معلومات پرڏيهي وزارت کي ڏياري موڪلي آهي.
هن چيو ته هن پرڏيهي وزارت کي اعتماد ۾ وٺندي لکت ۾ ٽيڪنيڪي معلومات متعلق آگاه ڪندو ته جيئن ڪو شڪ شبهو باقي نه رهي.
روس جو اعتماد بحال ڪنداسين
توانائيءَ جي وزير چيو ته بلاول ڀٽي جي بيان جي ڪري روس کان تيل جي خريداريءَ تي فرق نه پوندو ۽ جيڪڏهن اعتماد ۾ ڪو فرق پيو ته ان کي دور ڪيو ويندو. سندس بقول، ان باري ۾ هو روسي عمل دارن سان رابطو ڪندو ته جيئن اعتماد بحال رهي.
مصدق ملڪ چيو ته روس اها به پيش ڪش ڪئي آهي ته اهو مختلف خام تيل ملائي پاڪستان کي مهيا ڪري سگهي ٿو جيڪي پاڪستان جي ڪيترن ٻين رفائينريز به استعمال جي قابل بڻائي سگهن ٿيون.
هن چيو ته روس جي توانائيءَ جو وزير ايندڙ مهيني جي وچ ڌاران پاڪستان جو دوري ڪري رهيو آهي جنهن ۾ اهي معاملا طئي ٿيندا.
مصدق ملڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڳالهه ٻولهه جا مرحلا ختم ٿين ۽ روس کان تيل جي درآمد شروع ٿئي.
هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ماسڪو جي دوري کان واپسيءَ تي سينيٽر مصدق ملڪ اعلان ڪيو هو ته روس پاڪستان کي رعايتي قيمت تي خام تيل ۽ استعمال جي قابل پيٽرول ۽ ڊيزل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته يوڪرين تي حملي کان پوءِ آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن زور ڀريو هو ته روس تي معاشي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ روسي تيل ۽ گيس تي انحصار ختم ڪيو وڃي. البته، ڀارت انهيءَ صورت حال ۾ روس کان خام تيل جي درآمد تمام گهڻي وڌائي ڇڏي آهي.
مصدق ملڪ چيو ته روس کان درآمد ٿيڻ واري سستي خام تيل جي ذريعي ملڪ ۾ توانائيءَ جا اگهه گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان پاڪستان جي غريب عوام کي فائدو پهچندو، ڇو ته توانائيءَ جون قيمتون گهٽ ٿيڻ جي ڪري سڀني شين جي قيمت گهٽ ٿيندي.
هن چيو ته جنوري جي وچ ڌاران روس جو توانائيءَ جو وزير پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن کان پوءِ تيل جي درآمد متعلق معاملا واضح ٿي ويندا ۽ توقع آهي ته ايندڙ سال جي شروعات ۾ پاڪستان کي سستي تيل جي رسائي ممڪن ٿيندي.
(علي فرقان جي رپورٽ)