رسائی کے لنکس

اسلاموفوبيا جي خلاف جاکوڙ جو پهريون عالمي ڏينهن


اينٽني بلنڪن (فائيل فوٽو)
اينٽني بلنڪن (فائيل فوٽو)

آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن چيو آهي ته سموري دنيا ۾ مسلمانن کي اڪثر پنهنجي مذهبي عقيدن جي بنياد تي امتيازي سلوڪ ۽ نفرت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

پوئين سال گڏيل قومن جي ادري 15 مارچ کي اسلاموفوبيا سان نبرڻ جي لاءِ عالمي ڏينهن قرار ڏنو. ان تاريخ تي نيوزي لينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ ٻن مسجدن تي دهشت گرد حملن کي چار سال مڪمل ٿي ويا آهن. ان ڏينهن بندوق بردار هڪ شخص ٻن مسجدن ۾ داخل ٿي 51 نمازين کي ماريو ۽ چاليهن کي زخمي ڪيو.

پرڏيهي وزير چيو ته هر شخص کي هر جاءِ تي فڪر، ضمير، مذهب ۽ عقيدي جي آزاديءَ جو حق حاصل آهي، ان ۾ پنهنجي عقيدن کي بدلائڻ يا نه مڃڻ جي آزادي به شامل آهي.

هر فرد کي انفرادي يا اجتماعي طور تي ٻين سان، عوامي ۽ خانگي طور تي عبادت، عمل ۽ سکيا ۾ انهن عقيدن کي ظاهر ڪرڻ جي آزادي به آهي.

هڪ بيان ۾ پرڏيهي محڪمي چيو آهي ته هن ڏينهن اسان دنيا ۾ انهن ماڻهن ڏانهن توجه ڏيندا آهيون جن کي اسلام تي عمل ڪرڻ وارن، اسلام قبول ڪرڻ يا اسلامي سکيا تي عمل ڪرڻ وارن يا رڳو مسلمان جي حيثيت سان سڃاڻپ جي ڪري هيسايو ويندو آهي، حراست ۾ ورتو ويندو آهي، قيد ڪيو ويندو آهي ايسيتائين جو قتل تائين ڪيو ويندو آهي.

بلنڪن چيو ته مذهب جي آزاديءَ يا عقيدي متعلق گڏيل قومن جي اداري جي خصوصي نمائندي 2021 ۾ انساني حقن جي ڪائونسل کي ٻڌايو ته مسلمانن يا مسلمان سمجهيا ويندڙ ماڻهن تي شڪ ۽ شبهات، وبائي سطح تائين پهچي چڪا آهن.

هن چيو ته آمريڪا سڀني جي لاءِ پنهنجي ضمير جي پڪار مطابق زندگي گهارڻ جي اهليت جي وڪالت ڪندو رهندو ۽ انهن جي لاءِ ڳالهائيندو جن کي ائين ڪرڻ جي اهليت کا محروم ڪيو ويو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته رمضان جو مهينو ويجهو آهي. بلنڪن نفرت کي ميسارڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته اهڙي وقت جڏهن مسلمان پنهنجي مقدس مهيني رمضان جي تياري ڪري رهيا آهن، جنهن دوران روزا رکڻ هڪ ٻئي جي خاص خيال رکڻ جو وقت هوندو آهي. اچو ته آمريڪا ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ نفرت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪريون.

ان کان اڳ 10 مارچ تي گڏيل قومن جي اداري ۾ به اسلاموفوبيا جي ڏس ۾ هڪ تقريب ٿي جنهن جي سرپرستي جنرل اسميبليءَ جي دفتر ۽ اسلامي سهڪار تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جي صدر جي طور تي ميمبرن جي اشتراڪ سان پاڪستان ڪئي.

اسلاموفوبيا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ ٿيڻ واري هن اعليٰ سطحي تقريب ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلال ڀٽي زرداريءَ به شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي، گڏيل قومن جي اداري ۾ آمريڪا جي سفير لنڊا ٽامس گرين فيلڊ سموري دنيا ۾ مسلم ڪميونٽي جي خلاف نفرت جي تباه ڪن نتيجن کي اجاگر ڪيو ۽ ان جي خلاف تعصب ۽ تشدد جي روڪٿام جي عالمي ڪوششن ۾ واڌ تي زور ڏنو.

بلاول ڀٽي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هن ڏينهن جو مقصد اسلاموفوبيا جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ، باهمي احترام ۽ افهام و تفهيم جي واڌاري ۽ موجوده دور جي وبائي خرابين جي خاتمي جي لاءِ ٺوس اقدامات ڪرڻ جي لاءِ گڏيل عزم کي اڳتي وڌائڻ آهي.

هن چيو ته اسلام اعتدال، يگانگت، گڏجي رهڻ ۽ هڪ ٻئي جي عقيدن ۽ ثقافتن جي احترام جو درس ڏين ٿا.

پوئين سال 193 ميمبرن تي مشتمل اسمبليءَ قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ 15 مارچ کي اسلاموفوبيا سان نبرڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو.

اجلاس ۾ اسيمبليءَ جي صدر ڪاسابا ڪوروسيءَ کان سواءِ گڏيل قومن جي اداري جي سربراه اينتونيو گوتيرس ۽ ٻين عمل دارن شرڪت ڪئي.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG