سرگرم ڪارڪنن خميص ڏينهن ٻڌايو ته ايراني سيڪيورٽي فورسز نامياري سرگرم ڪارڪن ۽ صحافي سپيده قليان کي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه ايءَ جي خلاف نعرا هڻندي جيل کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻٽن ئي ڪلاڪن اندر ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.
اٺاويهن ورهن جي قليان کي اربع ڏينهن تهران جي اوپن جيل مان رهائي ملي هئي. کيس 2018 ۾ هڙتال جي تحريڪ جي باري ۾ رپورٽنگ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڏنل چئن سالن کان وڌيڪ سزا ڪاٽڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو هو.
آمريڪا ۾ قائم ايران متعلق هيومن رائيٽس ايڪٽوسٽ نيوز ايجنسيءَ مطابق، قليان کي اربع ڏينهن رات جو دير سان ان وقت ٻيهر گرفتار ڪيو ويو جڏهن سندس خاندان کيس ڪار جي ذريعي تهران کان ڏکڻ اولهه واري ايراني خورستان جي صوبي جي شهر دزفل ۾ سندس گهر وٺي وڃي رهيو هو.
ايجنسيءَ ٻڌايو ته ان باري ۾ ڪو اطلاع ڪونهي ته کيس ڪٿي رکيو ويو آهي يا ان تي ڇا الزام آهي.
اوپن جيل مان رهائيءَ جي ستت ئي پوءِ هن سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ خامنه ايءَ جي خلاف سخت نعرا لڳايا هيا.
هن ٻه ڀيرا رڙيون ڪري چيو ته ’’ظالم خامنه اي، اسان توکي زمين تي گهلينداسين’’.
هن عورتن جي لاءِ اسلامي جمهوريه جي ڊريس ڪوڊ جي سخت پابندين جي خلاف ورزي ڪندي، مٿي تي اسڪارف به نه پاتو هو، ۽ وڊيو ۾ هن انهن عورتن جي رهائيءَ تي زور ڀريو هو جن کي هن ڪارڪن سياسي قيدين جي حيثيت سان ڏٺو آهي.
ايران کان ٻاهرين ميڊيا جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته گرفتاريءَ جي دوران جيڪو ايران جي وچين علائقي جي شهر اراڪ جي ويجهو هڪ سڙڪ تي ٿي، سندس خاندان ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ ويڙهه به ڏسڻ ۾ آئي.
ايران انٽرنيشنل ٽي وي ٻڌايو آهي ته ابتدائي طور تي سندس والده کي به پوليس گاڏيءَ ۾ وڌو ويو ليڪن ان کي سڙڪ جي ڪناري تي ڌڪو ڏئي لاٿو ويو ۽ گاڏي سندس ڌيءُ کي وٺي تيزيءَ سان هلي وئي.
جيل ۾ قليان پنهنجي حامين کي موڪليل خطن ۽ پيغامن جي ذريعي زيادتين جي خلاف هڪ مضبوط آواز بڻي، جيڪو سندس بقول، ايراني جيلن ۾ عورتن سان روا رکيو ويندو آهي.
ايران ۾ قيد گهڻيون عورتون اهي آهن جن کي 16 سيپٽمبر تي ايراني نزاد ڪرد خاتون مهسا امينيءَ جي پوليس حراست ۾ هلاڪت کان پوءِ ٿيڻ واري احتجاج دوران گرفتار ڪيو ويو هو.
مهسا امينيءَ کي مبينه طور عورتن جي لباس جي ضابطي جي خلاف ورزي ڪرڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو هو. ليڪن بعد ۾ ٿيڻ واري ڪريڪ ڊائون ۾ زير حراست عورتن جو تعداد وڌي ويو.
(هن رپورٽ جي معلومات اي ايف پيءَ تان ورتي وئي آهي)