رسائی کے لنکس

ايران جي اصلاح پسند پارٽيءَ پاران لباس جي لازمي ضابطي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو


برقعا پاتل ايراني عورتون تهران ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ شريڪ آهن، جنهن ۾ خواتين لاءِ لباس جي اسلامي ضابطي جي پابنديءَ جي حمايت ڪئي وئي. 11 جولاءِ، 2019.
برقعا پاتل ايراني عورتون تهران ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ شريڪ آهن، جنهن ۾ خواتين لاءِ لباس جي اسلامي ضابطي جي پابنديءَ جي حمايت ڪئي وئي. 11 جولاءِ، 2019.

ايران جي اهم اصلاح پسند پارٽيءَ ڇنڇر ڏينهن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اسلامي لباس جي ضابطي کي، جنهن کي 1983 ۾ لازمي قرار ڏنو ويو هو ۽ جيڪو هيليتائين لاڳو آهي، تنهن کي ختم ڪيو وڃي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ اٺن ڏينهن کان لڳاتار احتجاجي مظاهرا ٿيندا رهيا آهن.

ساڳي وقت ’يونين آف اسلامڪ ايران پيپلز پارٽي’ءَ به ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته اخلاقيات جي پوليس کي ختم ڪيو وڃي جنهن تي الزام آهي ته ان 16 سيپٽمبر تي هڪ 22 ورهن جي ڪرد عورت، مهسا اميني، جنهن کي لباس جي ضابطي جي انحراف جي الزام تي حراست ۾ ورتو ويو هو، پوليس جي تحويل جي ڪري هلاڪ ٿي.

هيءَ پارٽي، جنهن جي قيادت اڳوڻي اصلاح پسند صدر محمد خاتميءَ جا سابق صلاح ڪار ڪري رهيا آهن، جنهن 1997 کان 2005 تائين مغرب سان تعلقات ويجها رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، عهديدارن کان مطالبو ڪيو ته لازمي حجاب جي قانون کي خارج ڪرڻ لاءِ ضروري قانوني طريقه ڪار تي مبني عنصر تيار ڪيا وڃن.

پارٽي جيڪا قانوني حيثيت جي مالڪ آهي ليڪن طاقت جي محور کان دور آهي، چيو آهي ته ايران کي گهرجي ته اخلاقيات پوليس جي سرگرمين کي سرڪاري طرح سان بند ڪيو وڃي ۽ پرامن مظاهرن جي اجازت ڏني وڃي.

ان چيو آهي ته هڪ غير جانبدار ڪميشن ٺاهي وڃي جيڪا امينيءَ جي هلاڪت جي حالات جي تفتيش ڪري، ۽ جيڪي ماڻهو تازو گرفتار ڪيا ويا آهن تن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي.

سرڪاري انگن اکرن مطابق، امينيءَ جي هلاڪت کان پوءِ احتجاجي مظاهرن دوران گهٽ ۾ گهٽ 35 ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته سوين زخمي ٿيا آهن. ان سان گڏ، سوين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ اصلاح پسند صحافين ۽ سرگرم ڪارڪنن کان علاوه احتجاج ڪندڙ شامل آهن.

سال 1983 ۾ منظور ڪيل قانون هيٺ، جنهن کان چار سال اڳ ايران جو اسلامي انقلاب آيو هو، بغير مذهبي يا قوميت جي امتياز جي سڀني عورتن کي عوامي جاءِ تي اچڻ کان اڳ رئو پائي پنهنجا وار ڍڪڻا آهن ۽ پنهنجي ڪوٽن جي اندران گرگهلي شلوار پائڻي آهي.

ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ان ضابطي تي گهڻي ڀاڱي سختي نه ڪئي وئي آهي، خاص طور تي وڏن شهرن ۾، ليڪن ڪجهه وقفن کان پوءِ ان تي سختيءَ سان پابندي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

(هيءَ رپورٽ ايجنسي فرانس پريس تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG