صوبي جي مختلف مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارن عالمن فتوا جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ عسڪريت پسنديءَ ۽ دهشت گرديءَ کي اسلام جي خلاف قرار ڏنو ويو آهي. فتوا ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته اسلام ۾ صرف رياست کي جهاد جي اعلان جو حق حاصل آهي ۽ ڪو ٻيو اهو ڪم نه ٿو ڪري سگهي.
خيبرپختونخوا جي عالمن جي هيءَ فتوا اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن صوبي جي مختلف علائقن ۾ دهشت گردي ۽ تشدد جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي.
انهن واقعن جي گهڻي ڀاڱي ذمي داري بندش پيل شدت پسند تنظيم، ’تحريڪ طالبان پاڪستان’ (ٽي ٽي پي) قبول ڪئي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ ٽي ٽي پيءَ جي سربراه مفتي نور ولي محسود به پاڪستان جي عالمن جي نالي هڪ پيغام ۾ سندن حمايت جي درخواست ڪئي هئي، ليڪن هاڻي عالمن دهشت گرديءَ جي خلاف فتوا جاري ڪئي آهي.
دارالعلوم سرحد، دارالعلوم حقانيه، تنظيم المدارس، وفاق المدارس العربيه، ربط المدارس، وفاق المدارس اسلفيه، وفاق المدارس الشيعه، جامع تعليم القرآن ۽ علما ڪائونسل دهشت گرديءَ جي خلاف گڏيل فتوا جاري ڪئي آهي.
فتوا ۾ چيو ويو آهي ته جهاد جو اعلان اسلامي رياست جو سربراه ڪري سگهي ٿو، ڪنهن به شخص کي جهاد جي اعلان جو حق حاصل ڪونهي. قانون جي پاسداريءَ کان گسائڻ شرعي طرح ناجائز آهي. ڪنهن اسلامي رياست جو بچاءُ ڪندڙ پوليس ۽ فوج جي عمل دارن جي خلاف هٿيار کڻڻ حرام آهي.
فتوا جي مطابق، ڪنهن شخص جو جنگ جو اعلان ۽ رياست جي اطاعت نه ڪرڻ پاڪستان جي آئين ۽ قانون سان بغاوت آهي، جيڪو ائين ڪندو اهو سزا جو مستحق هوندو.
ان فتوا تي صحي ڪندڙ جيد عالم
دهشت گردي ۽ عسڪريت پسنديءَ جي خلاف فتوا تي 16 نامور عالمن صحيحون ڪيون آهن، جن جو تعلق مختلف مڪاتب فڪر سان آهي. انهن منجهان ڪن جو تعلق مذهبي سياسي جماعتن سان به آهي.
فتوا تي دستخط ڪرڻ وارن ۾ پشاور جو طيب قريشي شامل آهي جيڪو تاريخي مسجد مهابت خان جو خطيب ۽ صوبي جو چيف خطيب به آهي. مولانا سلمان الحق حقانيءَ جو تعلق نوشهره جي دارالعلوم حقانيه اڪوڙا خٽڪ سان آهي.
هو معروف عالم انوار الحق جو فرزند ۽ جمعيت علما اسلام (س) جي اڳوڻي سربراه مولانا سميع الحق جو ڀائٽيو آهي. مولانا سميع الحق جي موت کان پوءِ جمعيت علما اسلام (س) جي قيادت سندس پٽ، مولانا حامد الحق ڪري رهيو آهي جيڪو قومي اسمبليءَ جو اڳوڻو ميمبر پڻ رهيو آهي.
دارلعلوم حقانيه اڪوڙا خٽڪ جو مفتي مختار الله حقانيءَ به فتوا تي دستخط ڪرڻ وارن ۾ شامل آهي. هو دارالعلوم حقانيه جي دارالافتا جا سربراه آهن.
شيخ الحديث مولانا قاري احسان الحق دارالعلوم سرحد جو مهتمم آهي. انهن به فتوا تي صحي ڪئي آهي. دارالعلوم سرحد ڪنهن زماني ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي سيڪريٽريٽ جي حيثيت به رکندو هو.
وفاق المدارس العربيه جو صوبائي سربراه مولانا حسن احمد مدني به فتوا تي دستخط ڪرڻ وارن ۾ شامل آهي. هو پشاور ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو اهم رهنما آهي.
مردان جي جامعه تفهيم القرآن جو مهتمم، رابطه المدارس اسلاميه پاڪستان جو صوبائي ناظم ۽ جماعت اسلاميءَ جو اڳوڻو ميمبر قومي اسمبلي ڊاڪٽر عطا الرحمان به ان فتوا تي صحي ڪرڻ وارن ۾ شامل آهي.
فتوا تي اهل حديث مڪتبه فڪر جي وفاق المدارس سلفيه جي صوبائي ناظم مولانا عمر بن عبد العزيز ۽ پشاور ۾ فواره چوڪ جي جامع مسجد الحديث جي خطيب مفتي شيخ اعجاز به ان تي دستخط ڪيا آهن.
اهل تشيعه مڪتبه فڪر جي جامعه عارف حسين الحسيني جي مهتمم ۽ وفاق المدارس الشيعه جي صوبائي ناظم اعلي علامه عابد حسين شاڪري به دستخط ڪرڻ وارن ۾ شامل آهي.
فتوا ڏيڻ وارن جي لاءِ خطرو
ان حوالي سان، خيبر پختونخوا جي اڳوڻي سيڪريٽري داخله ۽ ريٽائرڊ ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل پوليس سيد اختر علي شاه ۽ سينئر صحافي مشتاق يوسف زئي جو چوڻ آهي ته ان قسم جي فتوا کي پروپيگنڊا جي لاءِ ته استعمال ڪري سگهجي ٿو پر ان سان دهشت گردي يا عسڪريت پسنديءَ جو خاتمو ممڪن ڪونهي. سندس بقول، جيڪي ماڻهو دهشت گرد تنظيمن سان لاڳاپيل آهن اهي پهريان ئي پنهنجو ذهن ٺاهي چڪا آهن.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي سيد اختر علي شاه چيو ته اسلام جي ابتدائي دور کان وٺي گهڻي ڀاڱي سمورا عالم متفق آهن ته جهاد جي اعلان جو حق وقت جي خليفي يا رياست کي حاصل آهي. هن چيو ته سوويت يونين جي خلاف پاڪستان آمريڪا جو اتحادي هو ۽ افغانستان ۾ سوويت يونين جي خلاف جنگ کي ڪيترن ئي تنظيمن جهاد سان ملائي ان باري ۾ اسلامي فلسفي کان انحراف ڪيو هو.
هن دعوا ڪئي ته ان فتوا جي ڪري عام ماڻهن ۾ طالبان سان نفرت پيدا ٿيڻ جو ڪافي امڪان آهي. ليڪن جيڪي ماڻهو پهريان ئي طالبان جي صفن ۾ شامل آهن انهن جي واپسي ناممڪن آهي.
سينئر صحافي مشتاق يوسف زئي چيو ته فتوائن جي صادر ٿيڻ جي موسم آهي، ڪجهه ئي ڏينهن اڳ بندش پيل شدت پسند تنظيم به عالمن جي نالي هڪ پيغام ڏنو هو، جنهن جي جواب ۾ هاڻي عالمن به هيءَ فتوا ڏني آهي.
هن چيو ته هاڻي پاڪستان ۾ ٽي ٽي پيءَ جي خلاف جنگ جاري آهي ۽ گهڻي ڀاڱي عالم ’تحريڪ طالبان پاڪستان’ جي مخالفت ڪري رهيا آهن. البته، ان قسم جي فتوائن سان اهي پنهنجي طرز عمل کي نه ٿا بدلي سگهن.
هن چيو ته ٽي ٽي پيءَ سان وابسته عسڪريت پسند پهريان ئي ذهن بڻائي چڪا آهن ۽ انهيءَ تي ئي عمل ڪري رهيا آهن. البته، هن فتوا تي دستخط ڪرڻ وارن جي زندگيءَ کي هاڻي خطرو ٿي سگهي ٿو.
(شميم شاهد جي رپورٽ)