رسائی کے لنکس

چيني مالڪن شيئر نه وڪيا ته آمريڪا پابندي لڳائي ڇڏيندو، ٽڪ ٽاڪ


ٽڪ ٽاڪ جو لوگو (فائيل فوٽو)
ٽڪ ٽاڪ جو لوگو (فائيل فوٽو)

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ جو چوڻ آهي ته آمريڪي انتظاميه مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪمپنيءَ جي چيني مالڪن پنهنجا شيئر (مالڪاڻا حصا) وڪرو نه ڪيا ته ان کي پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو.

آمريڪي اختياريءَ وارن کي خدشو آهي ته ٽڪ ٽاڪ تي موجود آمريڪي صارفين جي معلومات چيني حڪومت کي ڏئي سگھجي ٿي. چيني ڪمپني ’بائيٽ ڊانس’ جي ملڪيت ’ٽڪ ٽاڪ’ جا آمريڪا ۾ 10 ڪروڙن کان وڌيڪ استعمال ڪندڙ آهن.

بائيڊن انتظاميه پهريون ڀيرو ٽڪ ٽاڪ تي پابندي مڙھڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ان کان اڳ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پابندي لڳائي هئي جنھن کي آمريڪي عدالتن ختم ڪري ڇڏيو هو.

ٽڪ ٽاڪ جي ترجمان بروڪ اوبر ويٽر اربع تي خبرن جي اداري،’رائٽرز’ کي ٻڌايو ته آمريڪا ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري بابت ڪاميٽي (سي ايف آئي يو ايس) کين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ٽڪ ٽاڪ جي چيني مالڪ ڪمپني پنهنجا شيئر وڪرو نه ڪيا ته ڪمپني تي آمريڪا ۾ پابندي لڳي سگهي ٿي.

آمريڪا جي ناڻي واري وزارت جي اها ڪاميٽي قومي سلامتيءَ جو اهم ادارو آهي. ان 2020 ۾ اھا تجويز ڏني ھئي ته ’بائيٽ ڊانس‘ کي ٽڪ ٽاڪ مان پنهنجي سيڙپڪاري واپس وٺڻ گهرجي.

’بائيٽ ڊانس’ جو چوڻ آھي ته ٽڪ ٽاڪ جا 60 سيڪڙو شيئر عالمي سيڙپڪارن جي ملڪيت آهن، 20 سيڪڙو ان جي ملازمن جا ۽ باقي 20 سيڪڙو ان جي بانين جي ملڪيت آهن.

ٽڪ ٽاڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مقصد قومي سلامتيءَ جو بچاءُ ڪرڻ ئي آهي ته پوءِ اهو ڄاڻڻ گهرجي ته سيڙپڪاري ڪڍي ڇڏڻ مسئلي جو حل ناهي، ڇو ته هن جي مطابق ”ملڪيت جي تبديلي سان ڊيٽا جي وهڪري تي ڪا به نئين پابندي نه لڳندي’’.

وائيٽ هائوس ان رپورٽ تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.


ٽِڪ ٽاڪ جو چيف ايگزيڪٽو شوزي چاو ايندڙ هفتي آمريڪي ڪانگريس آڏو پيش ٿي رهيو آهي. اڃا اھو واضع ناهي ته سيڙپڪاري ڪڍڻ جي امڪان کي چيني حڪومت جي حمايت حاصل ھوندي يا نه. ان حوالي سان آمريڪا ۾ چيني سفارتخاني فوري طور تي تبصرو نه ڪيو.

آمريڪا جي 30 کان وڌيڪ رياستن ۾ سرڪاري ملازمن تي سرڪاري ڊيوائيسز ذريعي ’ٽڪ ٽاڪ’ استعمال ڪرڻ جي پابندي آهي.

گذريل مهيني ئي حڪومت سرڪاري ايجنسين کي 30 ڏينهن اندر وفاقي ڊوائيسز ۽ سسٽمز ۾ ٽڪ ٽاڪ جو استعمال بند ڪرڻ جي مھلت ڏني ھئي.

آمريڪا پاران ٽڪ ٽاڪ تي پابندي کي ملڪ جي عدالتن ۾ قانوني رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو، جڏهن ته ان جا سياسي نتيجا پڻ نڪرندا، ڇو ته ڪروڙين آمريڪي نوجوان ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪن ٿا.

XS
SM
MD
LG