پرڏيهي معاملن جي آمريڪي وزير، اينٽني بلنڪن چيو آهي ته اظهار جي آزاديءَ تي ڪنهن به قسم جي پابندي آمريڪا جي لاءِ تشويش جي باعث رهي آهي. آمريڪا جي چوٽيءَ واري سفارت ڪار اڱاري ڏينهن دوحا ۾ پنهنجي قطري هم منصب سان گڏ اخباري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي، فيفا جي ان فيصلي تي تنقيد ڪئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن ڪنهن رانديگر ’نواڻ’ ۽ ’شموليت’ جي حمايت ۾ ٻانهن تي پٽي ٻڌي ته انهيءَ کي ’ييلو ڪارڊ’ ڏيکاريو ويندو.
دوحا ڊپلوميٽڪ ڪلب ۾ ڳالهائيندي، هن چيو ته خاص طور تي تشويش ان وقت ٿيندي آهي جڏهن ڳالهه نواڻ ۽ سڀني کي شامل ڪرڻ جي هجي.
بلنڪن چيو ته ’’منهنجي خيال ۾ گهٽ ۾ گهٽ فٽ بال جي ميدان ۾ ڪنهن کي ان ڳالهه تي مجبور نه ڪيو وڃي ته هو انهن قدرن جي حمايت يا پنهنجي ٽيم ۾کيڏڻ منجهان ڪنهن هڪ جو انتخاب ڪري’’.
ان کان اڳ سومر ڏينهن هڪ رانديگر ’ايل جي بي ٽي’ جي حامي ’ون لو’ نامي تحريڪ جي حمايت ۾ ٻانهن تي پٽي ٻڌي ميدان ۾ داخل ٿيو ته ساڪر جي انتظامي اداري کيس ’ييلو ڪارڊ’ جو چتاءُ جاري ڪيو ۽ ڪنهن رانديگر کي ٻه دفعا اهو ڪارڊ ڏيکارڻ جو مطلب اهو آهي ته ان ڏينهن ۽ ايندڙ راند ۾ هن کي کيڏڻ جي اجازت نه هوندي.
اگرچه يورپ جون ستئي ٽيمون چئي چڪيون آهن ته سندن رانديگر ٽورنامنٽ کان اڳ ’ون لو’ نامي پٽي ٻانهن ۾ ٻڌڻ جو ارادو رکن ٿا، مگر سومر جي ڏينهن ڪنهن رانديگر ائين نه ڪيو.
انگلينڊ جي رانديگر، هيري ڪين ٻانهن تي پٽي ٻڌي، جنهن تي ’نو ڊسڪريمي نيشن’ يعني ڪو امتياز نه ٿيندو، جا لفظ لکيل هيا. ايران سان گڏ ميچ ۾ فيفا سمجهوتي جي طور تي ان جي اجازت ڏني هئي. فيفا جي ڪوشش هئي ته يورپي ٽيمن جي منصوبي جي مقابلي ۾ ٻانهن تي پٽيون ٻڌيون وڃن جن تي اهڙا الفاظ درج هجن جن جي حمايت گڏيل قومن جو ادارو به ڪندو آهي.
بيان تي تبصرو ڪندي، آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته فيفا ٽورنامنٽ ۾ ’نو ڊسڪريمي نيشن’ جي لفظن جو حوالو ڏنو ويو آهي جن جي ذريعي ساڪر فيڊريشن سمجهوتي جي ڪوشش ڪئي هئي.
بلنڪن سومر ڏينهن قطر پهتو جتي رات جو هن ورلڊ ڪپ جي متعلق هڪ يوٿ ساڪر پروگرام به ڏٺو.
حالانڪه آمريڪي پرڏيهي وزير فيفا تي کلي تنقيد ڪئي، پر قطر جي باري ۾، جنهن ٽورنامنٽ کان اڳ غير ملڪي مزدورن سان سلوڪ ۽ هم جنس پرستن تي ڏوه مڙهيا آهن ۽ جنهن سلسلي ۾ ان تي ڪافي نڪته چيني ڪئي وئي، هن محتاط انداز اختيار ڪيو.
بلنڪن چيو ته ’’اسان ڄاڻون ٿا ته ڪارڪنن کان سواءِ جن ۾ غير ملڪي محنت ڪش به شامل آهن، هن ورلڊ ڪپ جو انعقاد ممڪن نه ٿئي ها.
هن وڌيڪ چيو ته تازن ورهن دوران قطر مزدوري ڪندڙن جي حقن مڃڻ جي سلسلي ۾ ليبر قانون ۾ ڪافي بامعني بهتري آندي آهي.
ليڪن هن چيو ته انهن معاملن ۾ صحيح معني ۾ ڪم ڪرڻ اڃان باقي آهي ۽ آمريڪا عالمي ڪپ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به ليبر قانونن ۽ انساني حقن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ قطر سان وڌيڪ وسيع طور تي ڪم جاري رکندو.
اخباري ڪانفرنس ۾ قطر جي پرڏيهي وزير، شيخ محمد بن عبد الرحمان الثاني سندس ملڪ تي ميڊيا ۾ تنقيد جي حوالي سان قطر جي هڪ صحافيءَ جي سوال تي ان تنقيد کي مسترد ڪيو ته جيسيتائين سڌاري آڻڻ جو تعلق آهي، منهنجي خيال ۾، ڪجهه حلقا اهڙا آهن جيڪي انهن تي ڌيان نه ٿا ڏين، بلڪه متعصبانه نظريات تي انحصار ڪن ٿا.
بلنڪن جو دورو قطر سان فوجي اهميت جي مذاڪرات جو حصو هيو. آمريڪا 8000 فوجي قطر جي ’العبيد’ جي فضائي اڏي تي تعينات ڪيا آهن جيڪو آئنده آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ جو هيڊڪوارٽر هوندو.