رسائی کے لنکس

رشديءَ جي سر جي قيمت لڳائڻ تي آمريڪا پاران ايران جي خلاف نين تعزيرات جو اعلان


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

آمريڪا جي پرڏيهي ۽ خزاني جي محڪمن جمعي جي ڏينهن ايران ۾ قائم ’15 خورداد فائونڊيشن’ (بنياد پانزده خرداد) جي خلاف معاشي تعزيرات جو اعلان ڪيو آهي، جنهن مصنف سلمان رشديءَ جي سر تي ٽي ڪروڙ ٽيهه لک ڊالرن جو انعام رکيو آهي، جنهن جي ڪري آگسٽ ۾ مصنف تي حملو ٿيو.

سال 1989 ۾ جڏهن رشديءَ جو ناول ’The Satanic Verses’ شائع ٿيو، جنهن کي ڪجهه مسلمان توهين آميز خيال ڪن ٿا، ايران جي اڳوڻي آيت الله روح الله خمينيءَ هڪ فتوا جاري ڪئي هئي جنهن ۾ مصنف کي قتل ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي هئي، جنهن جي ڪري رشديءَ ۽ سندس ساٿين تي حملا ٿيا.

ان فتوا جي 2017 ۾ايران جي موجوده سپريم ليڊر ٻيهر تصديق ڪئي ۽ جنهن کي تازو آگسٽ 2022 ۾ ايران جي سرڪاري تحويل ۾ ڪم ڪندڙ ميڊيا ٻيهر ڇاپيو.

هڪ بيان ۾ آمريڪا جي خزاني جي محڪمي چيو آهي ته ’پندرهن خورداد فائونڊيشن’ رشديءَ جي خلاف سر جي قيمت کي بحال رکيو آهي ۽ تازي عرصي دوران 2012 ۾ مضنف جي سر جي قيمت جي انعام کي وڌائي، ٻه ڪروڙ ستر لک ڊالرن مان ٽي ڪروڙ ٽيهه لک ڊالر ڪيو ويو هو. هنن ان پيش ڪش جو اشتهار ڏنو اها دعوا ڪندي ته جيڪو به رشديءَ کي قتل ڪندو ان کي فوري طور تي انعام جي پوري رقم ڏني ويندي.

آمريڪا جي محڪمه خزانه ۾ دهشت گردي ءَ ۽ مالياتي انٽيلي جينس جي معاون سيڪريٽري، برائن اي نيلسن چيو آهي ته ايراني حڪام پاران اظهار جي آزادي، مذهب يا عقيدي، ۽ صحافت جي آزاديءَ جي آفاقي حقن جي خلاف لاحق خطرن کي ٻنجو ڏيڻ جي لاءِ آمريڪا پنهنجي عزم ۾ ڪنهن صورت جي ڪا گهٽتائي برداشت نه ڪندو.

پنجهتر ورهن جي رشديءَ تي 12 آگسٽ تي بفلو شهر کان ٻاهر نيو يارڪ رياست جي شتاقووا هال ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ سامهون ايندي ئي ان تي حملو ڪيو ويو. هن جي چهري، ڪنڌ ۽ جسم تي چاقوءَ جا وار ڪيا ويا. هن کي هڪ ويجهيءَ اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي هن جون ڪيتريون ئي سرجريز ٿيون.

اڄ ساڳئي ئي ڏينهن آمريڪي پرڏيهي محڪمي هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اصلي فتوا ۾ دهشت گردي ۽ تشدد تي اڪسايو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ’’آمريڪا اهڙي اشتعال انگيزيءَ ۽ رشديءَ تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، جيڪو اظهار جي آزاديءَ تي هڪ واضح حملو ۽ دهشت گرديءَ جو اقدام آهي. اڄ جو هي اقدام به هڪ واضح اشارو آهي ته اسان ان کي ڪنهن به طرح برداشت نه ڪنداسين’’.

مصنف جي ايجنٽ چيو آهي ته ان حملي جي ڪري هن جي هڪ اک جي نظرضائع ٿي وئي آهي جڏهن ته هڪ هٿ استعمال جي قابل نه رهيو آهي. ان حملي جي سلسلي ۾ 24 سالن جي نيو جرسيءَ جي رهائشي، حادي مطار کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هن جي خلاف اقدام قتل ۽ حملي جا الزام عائد ڪيا ويا آهن.

(هن رپورٽ جو ڪجهه مواد ايسو سي ايٽڊ پريس ۽ رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG