رسائی کے لنکس

عورتن سان سلوڪ جي معاملي تي آمريڪا پاران طالبان خلاف وڌيڪ پابنديون عائد


ڪابل جي ’هزاره تعليمي مرڪز’ تي ٿيل خودڪش حملي کان پوءِ ماتمي جلوس ۾ شريڪ هي عورتون پنهنجن پيارن جي قبرن تي فاتحه جي لاءِ ڪٺيون ٿيون آهن. 2 آڪٽوبر، 2022. (فائيل فوٽو)
ڪابل جي ’هزاره تعليمي مرڪز’ تي ٿيل خودڪش حملي کان پوءِ ماتمي جلوس ۾ شريڪ هي عورتون پنهنجن پيارن جي قبرن تي فاتحه جي لاءِ ڪٺيون ٿيون آهن. 2 آڪٽوبر، 2022. (فائيل فوٽو)

افغانستان ۾ عورتن ۽ نياڻين جي خلاف جبر تي ٻڌل سلوڪ جاري رکڻ تي سزا جي طور تي آمريڪا اڱاري ڏينهن طالبان خلاف نين پابندين جو اعلان ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾ پرڏيهي معاملن جي آمريڪي وزير، اينٽني بلنڪن موجوده يا اڳوڻن طالبان ۽ ٻين جي خلاف ويزا جي نين پابندين جو اعلان ڪيو آهي، جيڪي عورتن کي پابندين ۾ رکڻ ۽ سندن خلاف تشدد ڪرڻ جهڙن ظالمانه سلوڪ ۾ ملوث رهيا آهن.

بلنڪن اهو اعلان ڌيءُ جي اولاد بابت بين الاقوامي ڏينهن جي موقعي تي ڪيو، جيڪو گڏيل قومن جي اداري جي مطالبي تي ملهايو ويندو آهي.

بلنڪن چيو ته پريشان ڪن ڳالهه اها آهي ته هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان افغانستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي ڇوڪرين کي ڇهين درجي کان مٿي تعليم حاصل ڪرڻ جي باقاعده طور تي ممانعت لڳائي وئي آهي، جڏهن ته ان پاليسيءَ جي ختم ٿيڻ جو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي.

سال 2021 جي آگسٽ ۾ آمريڪي قيادت واري فوج جي ملڪ مان واپسيءَ تي طالبان ٻيهر اقتدار سنڀاليو ۽ سخت گير طالبان نياڻين جي ثانوي تعليم تي پابندي لڳائي ڇڏي، جڏهن ته عورتن کي يونيورسٽيءَ جي تعليم جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

تازو ڪابل جي هڪ اسڪول جي ڪمري ۾ ٿيڻ واري خودڪش حملي ۾ ڪيترا ئي درجن ٻار مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا، اهڙي وقت جڏهن هو امتحان جي تياري ڪري رهيا هيا.

گڏيل قومن جي اداري مري ويلن جو تعداد 53 ٻڌايو آهي، جن ۾ 46 ٻارڙيون يا نوجوان ڇوڪريون شامل هيون.

حملي ڪندڙ عورتن جي ڪلاس روم ۾ بم ڦاڙيو جتي اهي يونيورسٽيءَ جي داخلا جي لاءَ امتحان ۾ شريڪ هيون. طالبان مردن ۽ عورتن جي لاءِ جدا ڪلاس رومز جو بندوبست ڪيو هو.

(هن رپورٽ جو مواد خبرن جي اداري، ايجنسي فرانس پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG