سال 2022 ۾ 24 فيبروريءَ تي روس يوڪرين جي خلاف بنان ڪنهن اشتعال جي وڏي پيماني تي جارحيت ڪئي، جنهن کي هڪ سال ٿي رهيو آهي. ان موقعي جي مناسبت سان اڱاري ڏينهن واشنگٽن ڊي سيءَ ۾’وائس آف آمريڪا’ ۽ ’ايٽلانٽڪ ڪائونسل’ هڪ پينل مباحثو منعقد ڪيو جنهن جي ڪاروائيءَ کي زوم ذريعي نشر ڪيو ويو. ’ورچوئل ويبينار’ جنهن جو عنوان ’لڙائيءَ جون ڪهاڻيون، يوڪرين جي ميڊيا روسي جارحيت جو مقابلو ڪيئن ڪري رهي آهي’ جنهن جاري جنگ ۾ يوڪرين جي ميڊيا جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو.
ان موقعي تي ميڊيا جي ماهرن ان ڳالهه کي واضح ڪيو ته يوڪرين جي صحافين ۽ يوڪرين مان ڪوريج ڪندڙ بين الاقوامي رپورٽرن ڪيئن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ دنيا جي سامهون روس جي جنگي عزائم کي وائکو ڪيو آهي. ان حوالي سان اهم سوال اهو آهي ته پنهنجي ان اهم ڪم کي جاري رکڻ جي لاءِ انهن کي ڪهڙي قسم جي حمايت جي گهرج آهي.
پينل ۾ ايٽلانڪ ڪائونسل جي يورو ايشيا سينٽر جي نان ريزيڊنٽ سينئر فيلو، مائيڪل بوزيڪريف، يوڪرينسڪا پراوڊا جي چيف ايڊيٽر سيوجل مسيويا، وائس آف آمريڪا جي يوڪريني سروس جي چيف رسلان پيٽرچڪا ۽ ’ڪئيف انڊپنڊينٽ’ جي ايڊيٽر ان چيف، اولگا رڊينڪو شامل هيا.
ماڊريٽر جا فرائض ايٽلانٽڪ ڪائونسل جي يورو ايشيا سينٽر جي ’يوڪرين الرٽ’ جي ايڊيٽر، پيٽر ڊڪنسن ادا ڪيا.
يوڪرين آزاد جمهوري قدرن جي سربلنديءَ لاءِ جنگ لڙي رهيو آهي، ميڊيا جي ماهرن جي رائي
مائيڪل بوزيڪريف چيو ته يوڪرين جي صحافت ڪافي مشڪل صورت حال ۾ ڪم ڪندي رهي آهي. يوڪريني عوام سان گڏ اتي ڪم ڪندڙ صحافي جن ۾’ڪئيف انڊپنڊينٽ’، ’وائس آف آمريڪا’ شامل آهن، انهن کي روسي جارحيت جي پهرئين سال دوران ڪافي مشڪل پيش آئي، ليڪن انهن صورت حال جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو.
هن چيو ته روسي حملي کان پوءِ مغربي ملڪن يوڪرين جي صحافين جي مدد حاصل ڪئي ته جيئن هو تازيون، قابل اعتماد ۽ غير جانبدار خبرون پيش ڪري سگهن ۽ يوڪرين ۾ دلچسپي وٺڻ وارا سامعين ۽ ناظرين حالات کان باخبر رهي سگهن.
مائيڪل چيو ته يوڪرين ۾ دستياب صحافين کي رپورٽنگ جي جديد آلات ۽ پورهئي جي اجوري جي ضرورت هئي، جڏهن ته سندن عام مالي ضرورتون به وڌيل هيون.
هن چيو ته روسي ميزائيل حملن جي ڪري هڪ پاسي ملڪ ۾ تباهي وڌندي رهي ته ٻئي طرف زندگيءَ جي معمولات تي تمام گهڻو اثر پيو.
يوڪرينسڪا پراوڊا جي چيف ايڊيٽر، سيوجل مسيويا ٻڌايو ته پوئين سال يوڪرين کي وڏا چيلينج آڏو رهيا، جڏهن ته ملڪ ۾ بجليءَ جو نظام قابل ڀروسا نه رهيو، ان ۾ تعطل ايندو رهيو ۽ بليڪ آئوٽ جي ڪري عوام جون ڏکيائيون وڌيون.
هن چيو ته ان دوران لڙائيءَ ۾ ڪيترا ئي صحافي هلاڪ ٿيا. سيوجل جي بقول، صحافت جي پيشه ورانه خدمتون انجام ڏيندي، اهي خبرون به عام رهيون ته ڪنهن صحافيءَ جو ڪو مٽ مائٽ ميزائل حملن ۾ هلاڪ ٿيو، جنهن دوران انهن جو ڪم ڪرڻ وڌيڪ مشڪل ٿيو.
پراوڊا جي چيف ايڊيٽر چيو ته ’’اسان (صحافين) وٽ هر روز نيون خبرون ميسر رهيون. چيلنج اهوهيو ته ڪهڙي خبر ڇاپجي. ڇو ته ان جي نتيجي ۾ زندگيءَ کي خطرا لاحق هيا. ليڪن اسان سچ لکڻ ۽ پيش ڪرڻ کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽياسين’’.
هن چيو ته اسان ٿڪجي ضرور پيا آهيون، پر پنهنجي صحافتي ڪم سان سچا آهيون’’.
سيوجل مسيويا چيو ته يوڪرين ۾ ٻن قسمن جا محاذ جاري رهيا، هڪ ته روسي حملا ۽ ٻئي پاسي يوڪرين جي ڪجهه عمل دارن ۾ موجود بدعنواني ۽ بدديانتيءَ جو آزار.
هن چيو ته صحافت جي آزاديءَ جي لاءِ ڪم ڪندڙ بين الاقوامي ادارا، جيئن ته ’ڪاميٽي ٽو پراٽيڪٽ جرنلسٽس’ يوڪرين جي پيشه ور صحافين کي حمايت ۽ قانوني مدد فراهم ڪندا رهيا، جيڪو ڪم مددگار ثابت ٿي رهيو آهي.
’روسي پرو پيگنڊا جي اثرائتي توڙ جي ضرورت آهي، جيڪو ڪم ڪيو پيو وڃي’
ڪئيف انڊپنڊينٽ جي ايڊيٽر ان چيف، اولگا ردينڪوچيو ته انگريزي زبان جي هن ويب سائيٽ ايڊيشن ۾ روزانه جي بنيادن تي خبرون ڇپجن ٿيون جن کي توجه سان حقائق ۽ سچائيءَ سان پيش ڪرڻ جو فرض ادا ڪيو پيو وڃي.
اولگا چيو ته روسي پروپيگنڊا ۽ گمراه ڪن غلط اطلاعن جو سلسلواڄ به جاري آهي جڏهن ته يوڪرين ۽ بين الاقوامي ميڊيا کي ذمي داريءَ سان خبرن کي پيش ڪرڻ جو فرض ادا ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته اڃان تائين روسي پروپيگنڊا يوڪرين تي حملي کي ’اسپيشل ملٽري آپريشن’ قرار ڏئي ٿي، ۽ روس اڃان به دعوا ڪري ٿو ته ان يوڪرين تي ان ڪري حملو ڪيو ته جيئن مبينه ’فاشزم’ کي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته اهو اشد ضروري آهي ته روس جي پروپيگنڊا جو اثرائتو جواب ڏنو وڃي ۽ خبرن کي درست انداز ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي.
وائس آف آمريڪا جي يوڪريني سروس جي سربراه، رسلان پيٽرچڪا چيو ته سال 2021 جي نومبر ۾ ئي واضح ٿي چڪو هو ته روس يوڪرين تي حملي جو ارادو رکي ٿو، جڏهن ته ان وقت يوڪرين جا حڪام اڃان گهري ننڊ ۾ هيا.
وي او اي جي يوڪريني سروس 1942 جي زماني ۾ قائم ٿي ۽ تڏهن کان وٺي يوڪرين کي آزاد صحافت تي ٻڌل ۽ سچائيءَ تي مبني خبرون پيش ڪري رهي آهي، جنهن تي تمام گهڻواعتماد ڪيو وڃي ٿو.
’ٽڪ ٽاڪ’ جي باري ۾، رسلان چيو ته هي سوشل ميڊيا جو دور آهي جنهن ۾ صارف مختلف ميڊيا جي سهولتن مان فائدو وٺڻ گهرن ٿا. ان سلسلي ۾ هن ٽڪ ٽاڪ جو حوالو ڏيندي چيو ته غلط روسي عناصر هن نئين ميڊيا جو استعمال ڪري رهيا آهن جن جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن وڌ ۾ وڌ سامعين و ناظرين تائين پهچي سگهجي.
هڪ سوال جو جواب ڏيندي سيوجل مسيويا چيو ته علائقي ۾ ’بي بي سي سروس’ بند ٿيڻ جي ڪري بين الاقوامي سطح تي ان جي پليٽ فارم تي آواز بلند ڪرڻ ۾ ڪمي واقع ٿي. هن چيو ته ’الجزيره’ روسي اثر هيٺ لڳي رهيو آهي، جيڪو روسي ذريعن تي وڌيڪ انحصار ڪري خبرون جاري ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مشرق وسطيٰ کان سواءِ آفريقه ۽ ڀارت تائين يوڪرين جي جذبن ۽ اصل صورت حال کي هر جاءِ تي مضبوطيءَ سان پيش ڪيو وڃي.
سيوجل به اها ڳالهه ورجائي ته روس اڃان تائين پوٽن جي پروپيگنڊا کي ورجائي رهيو آهي ته روس يوڪرين ۾ ان ڪري آيو ته جيئن مبينه ’فاشزم’ کي ٻنجهو ڏئي سگهجي. هن چيو ته روس ’ٽيليگرام’ جي سروس تي پنهنجي پروپيگنڊا پيش ڪري رهيو آهي.
برطانيه جي اڳوڻي وزير اعظم چرچل جي حوالي سان، مائيڪل بوزيڪريف چيو ته چرچل 1942 ۾چيو هو ته جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ اولين ترجيح آهي، ڇو ته جمهوري آزاد دنيا پنهنجي اعليٰ قدرن جي سربلنديءَ جي لاءِ وڙهي رهي آهي، جنهن جي هر ڪا قيمت جائز آهي.