رسائی کے لنکس

ڪراچي آفيس پوليس حملو، ڇا ’ٽي ٽي پي’ شهر ۾ ٻيهر پير پختا ڪري رهي آهي؟


ڪراچي پوليس آفيس تي دهشت گردن جي حملي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ جو هڪ ڏيڪ. 17 فيبروري 2023.
ڪراچي پوليس آفيس تي دهشت گردن جي حملي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ جو هڪ ڏيڪ. 17 فيبروري 2023.

سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ۽ ملڪي واپار جي مرڪز، ڪراچيءَ جي پوليس آفيس تي حملي جي ذمي داري بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) قبول ڪئي آهي. سيڪيورٽي ماهرن چيو آهي ته شدت پسند تنظيم هاڻي وڏن شهرن کي نشانو بڻائي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

جمعي جي رات سوا ستين وڳي دهشت گردن پوليس آفيس ته حملي ڪيو ۽ ساڍن ٽن ڪلاڪن جي اندر سندن خلاف آپريشن مڪمل ڪيو ويو. ان ۾ ٽن دهشت گردن سميت ست ڄڻا ماريا ويا. هلاڪ ٿيندڙن ۾ ٻه پوليس وارا، هڪ رينجرز جو سپاهي ۽ آفيس ۾ ڪم ڪرڻ وارا صفائيءَ جا ٻه ڪارڪن به شامل آهن.

ٽي ٽي پيءَ جي ترجمان محمد خراسانيءَ هڪ بيان ۾ حملي جي ذمي داري قبول ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته گروپ جا ٽي ويڙهاڪ سيڪيورٽيءَ جي بندش کي ٽوڙيندي پوليس جي محفوظ ترين هنڌ، ڪراچي پوليس هيڊڪوارٽر تي حملو ڪيو.

شدت پسند تنظيم خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ حملا جاري رکيا آهن. ليڪن ڪراچيءَ ۾ ٽي ٽي پيءَ اها ڪاروائي گهڻن سالن پڄاڻا ڪئي آهي.

ٽي ٽي پيءَ جي پاران ڪراچي شهر ۾ ان کان اڳ وڏو حملو 2014 ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪيو ويو هو جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پاران جوابي ڪاروائيءَ ۾ ٽي ٽي پيءَ جي سمورن 10 حملي ڪندڙن سميت 29 ڄڻا مارجي ويا هيا.

سيپٽمبر 2014 ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ڪراچيءَ ڊاڪ يارڊ ۾ پاڪستان بحريه جي تنصيبن تي به حملي جي ذمي داري قبول ڪئي هئي. ان حملي ۾ نيويءَ جو هڪ عمل دار ۽ ٽي حملي آور زخمي ٿيا هيا، جڏهن ته سامونڊي فوج جي هڪ آفيسر سميت ڇهه اهل ڪار زخمي ٿيا هيا.

پاڪستان ۾ شدت پسندي تنظيمن تي ويجهي نگاه رکڻ واري سيڪيورٽيءَ جي ناتن جي ماهر، برگيڊيئر محمد فياض چيو آهي ته ٽي ٽي پيءَ ڪراچيءَ ۾ پوليس هيڊڪرارٽر تي حملو ڪري شهر ۾ خوف جي فضا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز ۽ سڀ کان وڏو شهر هئڻ جي ڪري هميشه ئي ٽي ٽي پيءَ جهڙي شدت پسند تنظيمن جي لاءِ اسٽريٽجڪ بنيادين تي اهم رهيو آهي.

سندس بقول، ’’ڪراچيءَ جهڙي صنعتي شهر ۾ حملو ڪرڻ سان عالمي سطح تي ميڊيا ڪوريج وڌيڪ ملندو آهي، جنهن جي ڪري معاشي سرگرمين تي به برو اثر پوندو آهي.

برگيڊيئر (ر) محمد فياض چيو ته ڪراچيءَ ۾وڏي پيماني تي ڪاروبار جي ڪري ٽي ٽي پيءَ پاران فنڊ ڪٺا ڪرڻ جي لاءِ هي شهر اهم رهيو آهي ۽ ان حملي کان پوءِ شهر ۾ ڀتن جي مطالبن ۾ واڌ اچي سگهي ٿي.

ڪراچيءَ ۾ ٽي ٽي پيءَ جي حملن جي تاريخ

هونئن ته ڪراچيءَ ۾ بندش پيل فرقه وارانه تنظيمن، پرتشدد سياسي جماعتن، ڏوهن جي پيشي وارا گروه ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سرگرم رهيا آهن پر ٽي ٽي پي 2009 جي وچ ڌاران هتي قدم ڄمايا هيا. هي اهو ئي دور هيو جڏهن خيبرپختونخوا ۽ قبائلي علائقن ۾ دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن جاري هيو ۽ ڪيترا شدت پسند ڪاروائين کان بچڻ جي لاءِ فرار ٿي ڪراچي پهتا هيا.

ڪراچيءَ جي پختون چڱن مڙسن ٻڌايو آهي ته ڪراچيءَ ۾ طالبان شدت پسندن جي اچڻ جو موقعو ان ڪري مليو جو شهر ۾ اڳ ۾ ئي زبان جي بنيادن تي پر تشدد ڪاروايون ۽ مار ڌاڙ جاري هئي. ان جو فائدو وٺندي ٽي ٽي پيءَ به پنهنجي تنظيمي ڍانچي کي منظم ڪيو ۽ 2021 جي وچ ڌاران ڪراچيءَ جي پشتون علائقن ۾ ٽي ٽي پيءَ جو اثر ۽ ڌاڪو وڌي ويو.

ڪراچيءَ جي علائقي سهراب ڳوٺ جي هڪ پختون سياسي اڳواڻ نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته سرگرم طالبان گروه شروع ۾ پختون واپارين کان ڀتي جي صورت ۾ رقمون وٺي قبائلي علائقن ۽ افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ موجود طالبان رهنمائن کي موڪليندو هو. اها رقم دهشت گرديءَ جي ڪاروائين ۾ استعمال ٿيندي هئي.

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي، هن چيو ته ٽي ٽي پي پهرئين مرحلي ۾ پختون آبادين ۾ موجود ڏوهن ۾ وچڙيل ماڻهن کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو يا لالچ ڏئي پاڻ سان ملايو ۽ پوءِ پشتون واپارين جي تفصيلن ۽ ڪاروبار جي باري ۾ معلومات ڪٺي ڪري طالبان جي مڪاني ڪمانڊرن کي ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو.

هن چيو ته ٽي ٽي پيءَ جي ڪمانڊرن اها معلومات قبائلي علائقن ۽ افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ موجود طالبان شدت پسندن کي ڏياري موڪلي جيڪي افغانستان جي نمبرن يا اتر وزيرستان جي ڪوڊ سان لينڊلائين تان تاجرن کي ڀتي جي ادائگيءَ جي لاءِ فون ڪندا هيا.

اها رقم واپارين جي مالي حيثيت جي مطابق هوندي هئي ۽ ڀتي جي عدم ادائگيءَ جي صورت ۾ واپارين کي ڊيڃارڻ جي لاءِ اڪثر گهر يا دڪان جي ٻاهران ڪريڪر بم سان ڌماڪا ڪندا هيا.

پختون قوم پرست جماعت، عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) خيبرپختونخوا سان گڏ و گڏ ڪراچيءَ ۾ ٽي ٽي پيءَ جي حملن جو نشانو رهي.

ڪراچيءَ جي اولهه واري ضلعي ۾ سرگرم اي اين پيءَ جي هڪ اڳواڻ ٻڌايو ته ٽي ٽي پي لبرل خيال رکڻ جي ڪري ڪراچيءَ ۾ اي اين پيءَ جي اڳواڻن کي نشانو بنائڻ جو سلسلو شروع ڪيو جنهن ۾ پارٽيءَ جا لڳ ڀڳ 100 کان وڌيڪ اڳواڻ ۽ ڪارڪن ماريا ويا.

اهڙيءَ ريت ٽي ٽي پيءَ پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي عمل دارن سان گڏ و گڏ پوليو رضاڪارن تي به حملا ڪيا.

پوليس جي هلاڪتن جي حوالي سان اولهه جي ضلعي جي مومن آباد، پير آباد ۽ منگهوپير جا ٿاڻا ڪافي حساس هيا ۽ انهن ٿاڻن تي بم حملا به ڪيا ويا.

ٽي ٽي پيءَ جو ڪراچيءَ ۾ ڇانيل تنظيمي ڍانچو

ٽي ٽي پي دراصل خيبرپختونخوا ۽ اڳوڻي قبائلي علائقن ۾ سرگرم مختلف ننڍن وڏن طالبان گروهن جو اتحاد آهي جيڪو 2007 ۾ وجود ۾ ويو. ليڪن ٽي ٽي پيءَ ۾ موجود هر گروه جي سڃاڻپ سندن اهو علائقو هيو جتان کان انهن جو تعلق هيو.

ماهرن مطابق ڪراچيءَ ۾ طالبان شدت پسند هڪ گڏيل گروهه يعني ٽي ٽي پيءَ جي طور تي سرگرم نه ٿيا بلڪه پنهنجي علائقائي سڃاڻپ سان ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ئي علائقي سان تعلق وارن پختونن جي آبادين ۾ سرگرم ٿيا.

ڪراچيءَ ۾ ٽي ٽي پيءَ جا ٽي گروه سرگرم هيا جن ۾ سوات، ڏکڻ وزيرستان جو حلقو محسود ۽ مهمند جو گروه شامل ٿيا ۽ شهر جي لاءِ ٽي ٽي پيءَ جي ان وقت جي مرڪزي اڳواڻن هنن کي پنهنجي جدا قيادت چونڊڻ جي اجازت ڏني هئي.

سندس بقول، بظاهر اهي گروه هڪ ٻئي جي مدد ڪندا رهندا هيا، پر ڀتي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻين معاملن ۾ آزاد هيا.

اي اين پيءَ جي رهنما چيو ته ڪراچيءَ ۾ ٽي ٽي پيءَ جي گروهن ۾ سوات شاخ ڪافي سرگرم هئي جنهن شهر ۾ اي اين پيءَ جي ڪارڪنن ۽ پوليس عمل دارن تي حملا ڪيا ۽ ڀتن جي صورت ۾ ڪروڙين روپيا ڪٺا ڪيا.

اهڙيءَ طرح ٽي ٽي پي محسود شاخ ڪراچيءَ ۾ ٻن حصن ۾ ورهايل هئي جن مجهان هڪ گروه حڪيم الله محسود جڏهن ته ٻيو گروه ولي الرحمان محسود سان لاڳاپيل هو. ڪراچيءَ جي امير جي عهدي تي فائز رهڻ واري موجوده مرڪزي امير مفتي نور ولي به ولي الرحمان گروه سان وابسته هيو.

خيال رهي ته ٽي تي پي محسود جي ٻن گروهن جي وچ ۾ رتوڇاڻ واريون لڙايون آگسٽ 2013 ۾ شروع ٿيون، جڏهن حڪيم الله محسود گروه جو اهم ڪمانڊر شير خان مخالف گروه جي هٿارئون منگهوپير جي علائقي ۾ مارجي ويو. اهي جهڙپون ڪجهه مهينن تائين جاري رهيون.

ٽي ٽي پي ڪيئن ڪمزوز ٿي؟

قانون نانذ ڪرڻ وارن ادارن جي عمل دارن ٻڌايو آهي ته ڪراچيءَ ۾ سيپٽمبر 2013 ۾ شروع ٿيڻ واري آپريشن ۾ ٽي ٽي پيءَ جا گروه خاص هدف رهيا، ليڪن انهن گروهن جي خلاف حقيقي معني ۾ تيزي ڊسمبر 2014 ۾ ’آرمي پبلڪ اسڪول’ پشاور تي ٿيڻ واري حملي کان پوءِ ڏسڻ ۾ آئي.

سنڌ پوليس جي دهشت گرديءَ جي روڪٿام جي شعبي (سي ٽي ڊي) جي سينئر آفيسر راجا عمر خطاب ڪجهه مهينا اڳ هڪ انٽرويو ۾ وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته 2013 ۾ شهر ۾ ٽي ٽي پيءَ جي اهم ڪمانڊرن جي مارجي وڃڻ ۽ گرفتارين جي ڪري اها هتي گهڻو ڪمزور ٿي وئي.

ڇا ٽي ٽي پي ٻيهر سرگرم ٿي رهي آهي؟

جمعي جي ڏينهن ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي ڪري ٽي ٽي پي شهر ۾ ٻيهر سرگرم ٿيڻ جي حوالي سان ڪيترن سوالن جنم ورتو آهي.

برگيڊيئر (ر) محمد فياض چيو آهي ته ڪراچي پوليس آفيس تي حملي منجهان اندازو ٿي رهيو آهي ته ٽي ٽي پي شهر ۾ پنهنجي نيٽ ورڪ کي ٻيهر سرگرم ڪري ورتو آهي ۽ اهڙي قسم جا واقعا مستقبل ۾ به ٿي سگهن ٿا.

سندس بقول، زير زمين سرگرم ٿيڻ ۽ لڪل تنظيمي ڍانچي جي ڪري، ٽي تي پي جهڙين تنظيمن جي باري ۾ نئين معلومات ملڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، پر اها ڳالهه طئي آهي ته ٽي ٽي پيءَ جي نئين سر تنظيمي ڍانچي ۾ ڪراچيءَ کي به شامل رکيو ويو آهي.

هن چيو ته پوليس هيڊڪوارٽر تي حملي کان پوءِ ٽي تي پيءَ شهر ۾ مختلف مڪاني شدت پسند تنظيمن سان لاڳاپيل ماڻهن کي به شدت پسند گروه ۾ شامل ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي.

(ضياالرحمان خان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG