رسائی کے لنکس

عظيم اداڪار قوي خان لازوال ڪردار نڀايا


قوي خان (فائيل فوٽو)
قوي خان (فائيل فوٽو)

فلم، ٽي وي ۽ اسٽيج جو مشهور ۽ ھردلعزيز اداڪار محمد قوي خان 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

مشهور ڊراما سيريل ’انڌيرا اجالا’ ۾ اي ايس پي طاهر جو ڪردار ادا ڪندڙ ھي عظيم فنڪار ڪينسر ۾ مبتلا هو ۽ علاج لاءِ پنهنجن پٽن وٽ ڪيناڊا ۾ رھيل هو.

قوي خان پاڪستان ٽيليويزن جي شروعاتي اداڪارن مان هڪ هو. هن پنھنجي ڄمار جا ذري گھٽ 70 سال شوبز جي شعبي کي ڏنا.

تيرهين نومبر، 1942 ۾ پشاور ۾ جنم وٺندڙ قوي خان ڏهن سالن جي عمر ۾ چائلڊ آرٽسٽ جي حيثيت سان ريڊيو پاڪستان جو حصو بڻيو.

سال 1964 ۾ پاڪستان ۾ ٽيليويزن جي اچڻ ساڻ ئي قوي خان اسڪرين جي پردي تي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکارڻ شروع ڪيا، جنهن بعد هن هدايتڪار دلجيت مرزا جي فلم ’رواج’ ۾ پنهنجي جاندار اداڪاريءَ ذريعي فلمي دنيا ۾ پير پاتو.

قوي خان 250 کان وڌيڪ فلمن ۾ هيرو ۽ سائيڊ هيرو کان وٺي ولين تائين جا ڪردار ڏاڍي سھڻي نموني نڀايا.

سٺ واري ڏهاڪي کان وٺي گزريل سال تائين هن پاڪستان جي مشهور فلمي اداڪارن سان گڏ ڪم ڪيو، جن ۾ ماضيءَ جا مقبول اداڪار محمد علي، وحيد مراد ۽ سلطان راهي شامل هيا.
سٺ، ستر ۽ اسي جي ڏهاڪي ۾ هو واحد پاڪستاني اداڪار هو جيڪو فلمن سان گڏ و گڏ ٽي وي تي به مقبول هو. 1966 ۾ اطهر شاه خان جي مزاحيه ڊرامي ’لاکون ۾ تين‘ جتي کيس رات جي وڱڻي ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو، اتي يونس جاويد جي پوليس ڊرامي ’انڌيرا اجالا‘ پڻ سندس سڃاڻپ بڻيو.

هو مشهور فلم ’آئينا‘ جي ڪاسٽ جو حصو به رهيو، جڏھن ته سندس ٻين مشهور فلمن ۾ رواج، تمهي هو محبوب ميري، مٽي ڪي پتلي، جاگير، پھچان، زنجير، محبت زندگي هي، نهين ابهي نهين، ان داتا، سرڪٽا انسان، ۽ ويري گڊ دنيا ويري بيڊ لوگ شامل آهن.


پاڪستاني فلمن سان گڏ هن ٻه سال اڳ هالي ووڊ جي هڪ فلم ’آءِ ول ميٽ يو ديئر‘ ۾ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو ڪردار ادا ڪيو جيڪو پنهنجي پٽ کي ڏسڻ آمريڪا ٿو وڃي پر اُتي جو ڪلچر ڏسي پريشان ٿي ٿو وڃي.

اھا فلم پاڪستان ۾ ته رليز نه ٿي پر انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ ان کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو

قوي خان فقط بحيثيت اداڪار فلمن ۾ ڪم نه ڪيو، پر ستر ۽ اسي جي ڏهاڪي ۾ تيرهن فلمون پروڊيوس پڻ ڪيون، جيڪي سڀئي فلاپ ٿيون.

ھن سياست جي ميدان ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي، ۽ 1985 جي غيرجماعتي چونڊن ۾ حصو ورتو، پر سوڀ ماڻي نه سگھيو.

مٿس مشهور ڳائڻن احمد رشدي ۽ اي نيئر سميت ڪيترن ئي جي آواز ۾ گانا فلمايا ويا، پر مهدي حسن جي آواز ۾ فلم ’پھچان‘ جو گانو ’ميرا پيار تيري جيون ڪي سنگ رهي گا‘ سڀ کان وڌيڪ مقبول ٿيو.

قوي خان نوي جي ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ’ويري گڊ دنيا ويري بيڊ لوگ‘ کانپوءِ فلمن کان پاسيرو ٿي ويو ۽ پوءِ ٻن چئن فلمن ۾ سندس وري واپسي ٿي جن ۾ ’قائداعظم زنده آباد‘ سندس آخري فلم ثابت ٿي.

ڪيناڊا شفٽ ٿيڻ کان پوءِ به ٽي وي سان سندس تعلق نه ٽٽو

قوي خان گزريل ڏهن سالن جي مشهور ترين ٽي وي ڊرامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي نظر آيو، جن ۾ ’صدقي تمهاري‘، ’درشهوار‘، ’الف الله اور انسان‘، ’خاني‘، آنگن‘، ’بنن خاله ڪي بيٽيان‘ ۽ ’ڊر خدا سي‘ شامل آهن. ان سان گڏ ’پريم گلي‘، ’مشڪ‘، ’عشق جليبي‘، ۽ ’چپڪي چپڪي‘ قابلِ ذڪر آهن.

قوي خان جو آخري ڊرامو ”ميري شهزادي“ هن وقت "هم ٽي وي" تي نشر ٿي رهيو آهي، جنهن جي شروعات ۾ هن هيروئن عروه حسين جي ناني جو ڪردار ادا ڪيو هو پر صحت جي خرابي سبب هن ڊرامو ڇڏي ڏنو ۽ اھو ڪردار منظور قريشي نڀايو ھو.

قوي خان ’انڌيرا اجالا’ ذريعي پنهنجي پيءُ کي خراج عقيدت پيش ڪيو

پي ٽي وي جي مشهور ڊرامي ’انڌيرا اجالا’ ۾ اي ايس پي جو ڪردار قوي خان لاءِ مشهوريءِ جو سبب ته بڻيو پر ان ڪردار پٺيان هڪ دلچسپ ڪهاڻي هئي.

اهو ڊرامو 1983 ۾ هلندڙ ھڪ ڊگھي ڊرامي ’رگون ۾ انڌيرا’ تان ورتل هو، جنھن جي ڪھاڻي هڪ پوليس اسٽيشن جي چوگرد ڦري ٿي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار راحت ڪاظمي ادا ڪيو هو.

جڏهن هي ڊرامو نشر ٿيو ان وقت راحت ڪاظمي لاهور ۾ رهندو هو پر جڏهن ’انڌيرا اجالا‘ جو منصوبو ٺهيو ته هو ڪراچي شفٽ ٿي ويو. ائين ’انڌيرا اجالا’ ۾ اي ايس پي جي مرڪزي ڪردار لاءِ قوي خان کي چونڊيو ويو، جنهن ان ڪردار کي لازوال بڻائي ڇڏيو.

قوي خان هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته سندس والد محمد نقي خان سندس ڄمڻ کان 7 سال اڳ هيڊ ڪانسٽيبل جي عهدي تي رٽائر ٿيو هو. هن ڪڏهن به پيءُ کي ورديءَ ۾ نه ڏٺو هو. جڏهن کيس اي ايس پي طاهر جو ڪردار مليو ته هن پنهنجي والد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ خوشي سان اھو ڪردار قبول ڪيو.

سال 1984 ۾ نشر ٿيل ان ڊرامي جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان جو سيڪوئل 35 سالن کان پوءِ ’جانباز’ جي نالي سان ٺهيو، جنهن ۾ اي ايس پي طاهر جو ڪردار هڪ ڀيرو ٻيهر قوي خان ادا ڪيو.

اھو ڊرامو هڪ پرائيويٽ ٽي وي چينل سان گڏ پي ٽي وي تي پڻ نشر ٿيو جنهن ۾ عرفان کھوسٽ به حوالدار ڪرم داد واري اڳوڻي ڪردار ۾ نظر آيو.

مشهور مزاح نگار انور مقصود جي ٻن سنجيده ڊرامن ’مرزا اينڊ سنز’ ۽ ’دورِ جنون’ ۾ قوي خان جي لاجواب اداڪاري اڄ سوڌي سندس پرستارن کي ياد آھي.

قوي خان ڪامياب فلمون ۽ ڊراما ڪري پنھنجي فن جي بنياد تي لاتعداد ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا، جن ۾ ڪيترائي ’نگار ايوارڊ‘، پي ٽي وي ايوارڊز، ۽ 80 جي ڏهاڪي ۾ ملندڙ صدارتي تمغو، ستاره امتياز ۽ نشانِ امتياز شامل آهن.

قوي خان جي لاڏاڻي تي شوبز سان لاڳاپيل ماڻهن دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نالي واري اداڪار سهيل احمد کيس ھڪ عظيم انسان ۽ لاجواب اداڪار قرار ڏنو.

اداڪار عدنان صديقيءَ ٽوئيٽ ڪندي چيو ته قوي صاحب هڪ زنده ادارو هو جنهن اداڪاري سان گڏ وگڏ ماڻهن کي زندگي جي باري ۾ گهڻو ڪجهه سيکاريو.

مشهور اداڪار اعجاز اسلم به قوي خان جي لاڏاڻي تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته هو انٽرٽينمينٽ انڊسٽري جي سچي سڃاڻپ هو. قوي سان گڏ ڪيل ڪم کيس هميشه ياد رهندو.

(عمير علويءَ جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG